284

شيخوپوره ۾4ڄڻن پاران گهر۾گهڙي16ورهين جي نينگريءَ سان اجتماعي لڄالٽ،لاهور ۾ناري زيادتي کانپوءِ قتل

شيخوپوره (ويب ڊيسڪ) شيخوپوره ۾ 4 ڄڻن جي گهر ۾ گهڙي 16 ورهين جي ناري کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي. جڏهن ته لاهور جي علائقي نشتر ڪالوني ۾ 20 ورهين جي ناري کي مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ قتل ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي مظفر ڳڙهه ۾ 13 ورهين جي نينگر کي بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو، ڪيس داخل ڪرائڻ کانپوءِ جوابدارن نينگر کي اغوا ڪري ورتو، وارثن نينگر کي بازياب ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو