275

مني لانڊرنگ: ايف آءِ اي پاران شهباز شريف ۽ حمزه کان جيل ۾ جاچ ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کان ڪوٽ لکپت جيل ۾ جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کان جاچ لاءِ ڪوٽ لکپت جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي خط لکي ڇڏيو آهي، اينٽي ڪرپشن سرڪل جو ايس ايڇ او پنهنجي ٽيم سان گڏجي جيل ويندو ۽ ٻنهي اڳواڻن جا بيان رڪارڊ ڪندو. ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ڊاڪٽر رضوان خط ۾ چيو آهي ته بيان سان جاچ ۾ مدد ملندي، ان کان اڳ 23 نومبر تي به خط لکيو ويو هو، جڏهن ته ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل ٽيم کي جيل ۾ جاچ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو