350

ملڪ جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ورتل انٽري ٽيسٽ جي نتيجن ۾ غلطين جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ورتل انٽري ٽيسٽ جي نتيجن ۾ غلطين جو انڪشاف ٿيو آهي. نجي ٽي وي مطابق ملڪ جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن جا پنجاب ۽ سنڌ ۾ نالا ۽ رول نمبر تبديل ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن سان نتيجن ۾ غلطيون پڻ سامهون آيون آهن، متاثر شاگردن جو چوڻ آهي ته کين نتيجن ۾ غير حاضر ڄاڻايو ويو آهي. اميدوارن پاران غلطين جي شڪايتن تي پنجاب ۾ انٽري ٽيسٽ جا نتيجا ويب سائيٽ تان هٽايا ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو