311

سمورا ادارا ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار ڪري رهيا آهن، هي مفادن جو ٽڪراءُ آهي : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سمورا ادارا ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار ڪري رهيا آهن، جيڪو مفادن جو  سڀ کان وڏو ٽڪراءُ آهي، انٽيلي جنس بيورو آفيسرن جي هائوسنگ سوسائٽي جا معاملا هلائڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت آءِ بي جي وڪيل کي جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏيڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس آءِ بي جي وڪيل کي چيو ته مطمئن ڪيو ته ڇا سرڪاري آفيسر سڌي يا اڻ سڌي طرح ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار ڏسي سگهي ٿو ، آءِ بي آفيسر هن طرح جي ڪاروبار ۾ ملوث ٿي سگهن ٿا، هي ڇا ٿي رهيو آهي، هي هڪ سنجيده معاملو آهي. جسٽس اطهر من الله چيو ته سمورا ادارا ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار ڪري رهيا آهن، هي سڀ مفادن جو ٽڪراءُ آهي، جڏهن ادارا ڪاروبار ۾ ملوث ٿي سگهن ٿا ته ڊي اي جي همت آهي ته هو انهن کي ڪجهه چوي. اسلام آباد جا سمورا ادارا ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار ۾ ملوث آهن. عدالت هن معاملي تي جواب طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي سياري جي موڪلن کان پوءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو