لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر محمد عامر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي رانديگر محمد عامر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کي الوداع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. محمد عامر چيو ته سريلنڪن پريميئر ليگ ۾ شرڪت کانپوءِ هاڻي ڪراچي پهتو آهيان، سڀاڻي جمعي تي لاهور اچڻ تي ان حوالي سان سمورا تفصيل شيئر ڪندس، هاڻي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ وڌيڪ نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. محمد عامر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪرڪيٽ ڇڏڻ ته نه پيو چاهيان پر جهڙي ريت ماحول جوڙيو ويو هو، ان مئنيجمينٽ تحت انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جاري رکڻ ممڪن ناهي، نيوزيلينڊ دوري لاءِ 35 رانديگرن ۾ به شامل نه ڪرڻ تي مستقبل جو اندازو ٿي ويو، 2010ع کان 2015ع تائين ڪرڪيٽ جي دوري دوران تمام گهڻي ذهني اذيت برداشت ڪئي، هاڻي وڌيڪ همت ناهي 5 سال پابندي واري سزا ڪاٽي آيس، ان باوجود مون کي بار بار چيو پيو وڃي ته پي سي بي مون تي وڏي سيڙپڪاري ڪئي آهي.
307