317

ارطغرل غازي جي مرڪزي ڪردار انگين آلتان کي پاڪستان گهرائيندڙ ڪاشف ضمير فراڊ جي ڪيس ۾ ساٿين سوڌو گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) ترڪي جي مشهور ڊرامه سيريل ارطغرل غازي جي مرڪزي ڪردار انگين آلتان کي پاڪستان گهرائي ميزباني ڪندڙ ڪاشف ضمير فراڊ جي ڪيس ۾ ساٿين سوڌو گرفتار ٿي ويو آهي، پوليس موجب انگين آلتان جي ميزباني ڪرڻ وارو جوابدار ڪاشف ضمير 8 مختلف ڪيسن ۾ ملوث هو، جنهن جي ڪري جوابدار ڪاشف ضمير کي ساٿين سوڌو گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جوابدار خلاف فراڊ، امانت ۾ خيانت، ڪار چوري، ڦرلٽ سوڌو ٻين سنگين ڏوهن جهڙا ڪيس داخل ٿيل آهن، پوليس مطابق گرفتار جوابدار گرفتاري کان بچڻ لاءِ هٿياربند ساٿين سوڌو پوليس پارٽي سان مزاحمت  پڻ ڪئي. ياد رهي ته گذريل مهيني ترڪي ڊرامي ارطغرل غازي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ ترڪش اداڪار انگين آلتان لاهور جي مختلف دوري تي آيو هو، جتي هن پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستاني ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار پڻ ڪيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو