335

ارطغرل غازي جي حليما سلطان پاڪستاني لباس واري اشتهارجي سونهن بڻجي وئي

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۾ مشهوري ماڻيندڙ ترڪي ڊرامي  ارطغرل غازي جي حليما سلطان پاڪستاني برانڊ جي اشتهار جي سونهن بڻجي وئي آهي. پاڪستاني ڪپڙا تيار ڪندڙ هڪ برانڊ سوشل ميڊيا جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي ارطغرل غازي جي حليما سلطان وارو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪاره اسرا بيلگچيڪو جي  پاڪستاني برانڊ جي اشتهار  ۾ تصوير  ۽ وڊيو جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن اشتهار ۾ کيس ماڊل طور پيش ڪيو ويو آهي، انسٽاگرام تي جاري ڪيل تصوير ۽ وڊيو ۾ ترڪش اداڪاره اسرا کي برانڊ جي نئين ڪليڪشن وارا ڪپڙا پاتل ڏيکاريو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو