ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشوري شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گئس جو پريشر گهٽ هجڻ ۽ هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهرين پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي. شهرين شبير ساگر عالماڻي، آصف ڀلائي، عطا محمد رودناڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مک چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري ۾ شامل سياسي سماجي اڳواڻن پاران گئس پريشر وڌائڻ ۽ گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته ڄامشورو وڏي آبادي تي مشتمل شهر آهي، شهر سميت ڀرپاسي وارن علائقن ڀرياوليج، سيد آباد، سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي، يونيورسٽي ڪالوني، آر بي بي ڪالوني، واپڊا ڪالوني، سينڊوز روڊ، جيئي شاهه محلي، غريب آباد ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ سئي گئس انتظاميا پاران گئس جي هٿرادو بندش ڪري گئس جو داٻ گهٽايو پيو وڃي، جنهن سبب عوام گهرن توڙي ڪاروباري مرڪزن ۾ رڌپچاءَ ۽ عام استعمال لاءِ پريشان آهن. شهرين جو چوڻ هو ته ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊي سي ڄامشوري سميت لاڳاپيل عملدارن کي لکت ۾ درخواستون ڏنيون آهن، پر ڪو تدارڪ نٿو ٿئي، اڃا به تدارڪ نه ٿيو ته قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو.
245