240

پاڪستان ۾ جمهوري سياسي جدوجهد ۽ پيپلزپارٽي…

ليکڪ: ”راز“ علي گل ڀٽو

ھاڻي ان ڳالهھ تي ڪو اختلاف ڪونھي ڪو ته پاڪستان ھڪ عوامي ۽ جمھوري جدوجھد جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو ھو، پاڪستان جي اصل جدوجھد ٽيھن سالن تي ٻڌل آھي، جڏھن مسلم ليگ وجود ۾ آئي، جيڪڏھن موت قائد  اعظم کي نھرؤ جيتري مھلت ڏئي ھا ته اڄ پاڪستان جي معاشي ۽ سياسي صورتحال ڪجهھ ٻي ھجي ھا، پاڪستان جون حالتون قائداعظم جي وفات کان يڪدم پوءِ بگڙڻ شروع ٿي ويون هيون، ورھاڱي وقت جيڪا ٻه ڌري ڪامورا شاھي پاڪستان جي حصي ۾ آئي، ان ڪامورا شاھيءَ جي ٻنھي طبقن الڳ الڳ پنھنجا پير پختا ڪرڻ شروع ڪيا، آزاديءَ جا پھريان ڏھه سال ته ڪامورا شاھيءَ وچ ۾ ڪشمڪش ۾ گذريا، پر جڏھن جنرل ايوب خان فيلڊ مارشل جو لقب اختيار ڪري ملڪ ۾ پھرين مارشل لا لاڳو ڪئي ته پوءِ عام ڪامورا شاھيءَ طاقتور ڪامورا شاھيءَ جي بالادستي قبول ڪري ورتي، ڇو ته ھاڻي ٻئي ڌريون اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي ويون هيون، ۽ اھا ڀائيواري ڪنھن نه ڪنھن شڪل ۾ اڃا به نه صرف جاري آھي پر گھڻو مضبوط ٿي آھي، ان مفاھمت تحت فائيلن جو رکوالا خانگي ڪامورا ٿيا ۽ فيصلن جا اختيار طاقتور ڪامورا شاھيءَ پاڻ وٽ رکيا، نئين نظام ڪري پھرئين ته اھو ڍنڍورو ڏنو ويو ته مارشل لا عوام۽ ملڪ جي مفاد ۾ آھي، جنھن سان فيصلا سازي جي رفتار ۾ تيزي آئي آھي، پر اهو ظاھرداريءَ کان سواءِ ڪجهھ به نه ھو، 10 سالن جي اکاڙ پڇاڙ کان پوءِ وقتي طور امن امان جي حالت ڪنهن قدر بھتر ٿي، پر سياست جي وڻ ۾ اهڙو پيوند لڳڻ کان پوءِ ملڪي وسيلا ان معرفت استعمال ٿيڻ لڳا، ان ڪري جمھوري نظام اٿندي ئي دٻاءَ ھيٺ ٻوسٽ ۾ اچي ويو، ٻين لفظن ۾جمھوري ٻوٽو طاقتور ڇانو ۾وڌڻ ويجھڻ کان لاچار رھيو، ڪجهه سالن ۾ جنرل ايوب خان، سندس سياسي ساٿارين ۽ ڌرائتن دانشورن اھو محسوس ڪيو ته آمريت جو ٻوٽو جمھوريت جي پاڻيءَ کانسواءِ وڻ ٿي نٿو سگھي، ان ڪري بنيادي جمھوريت جي نظام واري اڌوري ٻج کي ڀاڻ ڏنو ويو، ان تجربي وڏو سياسي سيڪ ۽ سم پيدا ڪئي، بنيادي جمھوريت جي نظام تحت ھڪ آمر ايوب خان صدارتي چونڊون ڪرايون، جنھن ۾ سرڪاري پارٽي ڪائونسل مسلم ليگ جو اميدوار جنرل ايوب خان ۽ متحده مخالف ڌر جي اميدوار قائداعظم جي ڀيڻ 70 ورهين جي محترمه فاطمه جناح هئي، پر سرڪاري مشينري ذريعي ھن جمھوريت کي ڌانڌليءَ جو مٺو زھر ڏئي شڪست ڏياري وئي.پاڪستاني سياست  جي وڻ ۾آمريت جي ڏار ھوندي ان وقت به جمھوريت جي پيوندڪاري بظاھر ناڪام ٿي وئي.

ان بعد 1965ع جي پاڪ-ڀارت جنگ ۽ تاشقند جي معاھدي  جي ڪري ملڪ ۾وڏي سياسي اٿل پٿل شروع ٿي وئي، ترقي پسند قوتون آمريت خلاف متحد ٿيڻ لڳيون، ان دؤران جناب ذوالفقار علي ڀٽو بحيثيت پرڏيهي وزير ايوب حڪومت کان الڳ ٿي پيپلزپارٽي جي نالي سان ھڪ عوامي، جمھوري ۽ سوشلسٽ جماعت قائم ڪئي، جتي ملڪ جا ھاري، مزدور ۽ شاگرد اڳواڻ گڏ ٿي ويا، ان وقت ملڪ ۾ ٻه سياسي قوتون اڀري آيون، مشرقي پاڪستان ۾شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ ۽ مغربي پاڪستان ۾ذوالفقار علي ڀٽو جي پيپلزپارٽي، ٻئي طرف جڏھن ايوب خان ڏٺو ته ھاڻي عوام ھن کي وڌيڪ برداشت نه ڪندو، ته پوءِ ھن جمھوري امانت عوام کي موٽائڻ بدران اقتدار جي وڻ جو واھي ھڪ ٻئي جنرل آغا محمد يحيٰ خان کي ڪري ڇڏيو، ان ڪري عوامي جدوجھد جو رستو ڊگھيرو ٿي ويو، نيٺ جنرل يحيٰ خان عام چونڊون ڪرايون، جنھن جي نتيجي ۾ مشرقي پاڪستان ۾عوامي ليگ ۽ اولھه پاڪستان ۾ پيپلزپارٽي سوڀاري ٿي، يحيٰ خان اقتدار اڪثريتي جماعت عوامي ليگ جي حوالي ڪرڻ بدران ان جي چاٻي پاڻ وٽ رکڻ تي بضد ٿي بيٺو، آمريت ۽ جمھوريت جي وچ ۾ ڪشمڪش ھلندي پاڪ ۽ ڀارت ۾جنگ لڳي وئي، جنھن ۾مشرقي پاڪستان الڳ ٿي بنگلاديش بڻجي ويو، اھڙي طرح ملڪ ۾جمھوريت جون پاڙون پختيون ٿيڻ بدران بازو ڪٽجي ويو، بنگلاديش ۾ شيخ مجيب الرحمان حڪومت ٺاھي ۽ باقي پاڪستان ۾ پيپلزپارٽيءَ حڪومت جوڙي، شھيد ڀٽو وڏي محنت سان ملڪ جي نظام ۾جمھوريت جي پيوندڪاري ڪئي، ملڪ کي متفق آئين ڏنو، پر جولاءِ ١٩٧٧ع ۾ وري ٻئي جنرل ضياءُالحق عوامي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري جمھوريت جي ڪک ۾ آمريت جي پيوندڪاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اھڙي طرح ملڪ بنياد پرستيءَ جي سڪرات ۾ اچي ويو، اھا ڊگھي سڪرات ١٩٨٨ع آگسٽ ۾جنرل ضياءُ جي ھوائي موت تي ختم ٿي، ان بعد وري پيپلزپارٽي پاڪستاني سياست جي ڳرندڙ لاش کي جمھوري رت پياري سامت ۾ آندو، پر حملا بند نه ٿيا ۽ ڏھاڪو سال پوءِ ١٩٩٩ع ۾جنرل پرويز مشرف پاڪستاني سياست جي جمھوري بازؤ کي ڪپي ان ۾آمريت جو وري پيوند لڳايو، نون سالن جي ڪوشش باوجود اھا پيوندڪاري به ناڪام وئي، نيٺ ٢٠٠٨ع ان آمريتي پيوندڪاريءَ کان ڇوٽڪارو مليو، ان ۾به شھيد بينظير ڀٽو جو خون ڪم آيو، عجيب اتفاق آھي ته ٽئي ڀيرا آمريت کان جمھوريت پاڪستاني سياست ۾پيپلزپارٽي موٽرائي آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو