ليکڪ: اياز ساريو
لاڙڪاڻي جي انمول مٽيءَ مان ڪيترن ئي عظيم عوامي ليڊرن، تاريخدانن ۽ قانوندانن سميت هر شعبي ۾ پاڻ مڃائيندڙ شخصيتن جنم ورتو آهي جن پنهنجي شهر. ڌرتي ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي انهن مان گهڻ رخي شخصيت نامور تعليمدان، مذهبي معاملن جو اڳوڻو نگران وفاقي وزير، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي، پبلڪ اسڪول سکر ۽ پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو اڳوڻو پرنسپال، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جو اڳوڻو چيئرمين ۽ بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلس نوابشاهه جو پرنسپال پروفيسر محمد يوسف شيخ به هڪ هو جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ ڪورونا جي ڪري اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو، مرحوم کي ڀيٽا پيش ڪرڻ توڙي ڏکوئيندڙ وفات تي لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي پاران آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي ڀٽائي ادبي هال ۾ تعزيتي ريفرنس ڪيو ويو، هن تعزيتي ريفرنس جي صدارت نامور اديب، محقق، شاعر ۽ لطيف شناس ڊاڪٽر بشير احمد شاد ڪئي خاص مهمانُ عارف عرفان شيخ هو ۽ اعزازي مهمانن ۾ پروفيسر مختيار سمون، ڊاڪٽر محمد خان شيخ، بدرالدين عباسي ۽ محمد اسلم شيخ شامل هئا.تعزيتي ريفرنس ۾، نامياري فنڪار الطاف سمي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وائي ترنم سان پيش ڪئي.صدارتي تقرير ڪندي، ڊاڪٽر بشير احمد شاد چيو ته محمد يوسف ۽ مان هڪٻئي کي هميشه ڀاءُ سمجهندا هئاسون. اسان جو تعلق 1956ع کان رهيو. لاڙڪاڻي ۾ ان دور کان اسان جي ساٿ کي ساراهيو به ويندو هو ۽ ان سان رِيس به ڪئي ويندي هئي. محمد يوسف ۾ وڏيون صلاحيتون هيون ۽ هو هڪ ڳُڻائتو انسان هو. مان هن کي عمر ڀر وساري نه سگهندس. محمد يوسف شيخ ۽ مان تمام گهڻا سفر گڏ ڪيا. سچ ته هو انتهائي همدرد شخص هو. هو هڪ وڏو تعليمي ماهر ته هو پر منهنجي خيال ۾ هو خوبين جو گلدستو هو. ڊاڪٽر شاد، يوسف شيخ کي ساريندي ۽ سندس يادون ونڊيندي روئڻهارڪو ٿي ويو.آجياڻو پيش ڪندي ڊاڪٽر رياضت ٻرڙي چيو ته پروفيسر يوسف شيخ هڪ گهڻ رخي ۽ پُر اثر شخصيت جو مالڪ هو. تعليم جي واڌ ويجهه ۽ بھتريءَ لاءِ ڪم ڪرڻ سندس اولين ترجيحن ۾ شامل هو، اهو ئي سبب آهي جو هُن پنھنجي شخصيت کي ڪُلي طور تعليم ۽ تعليمي ادارن جي ڀلائيءَ ۽ مضبوطيءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. هن جو قومي شاعر علامه محمد اقبال، بانيءِ پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪل ۽ فلسفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان خصوصي لڳاءُ هو. ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي اڏيندڙ طور سندس نالو انتهائي مٿاهين حيثيت رکي ٿو. لاڙڪاڻي جي تاريخ، تاريخي ماڳن مڪانن ۽ شخصيتن سان کيس تمام گهڻي دلچسپي هئي، اهو ئي ڪارڻ آهي، ته لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي چيئرمين ۽ سيڪريٽريءَ جي عهدن تي ڪم ڪندي هن ڪيئي تاريخي ڪانفرنسون، سيمينار ۽ پروگرام ڪرايا ۽ لاڙڪاڻي جي تاريخ تي ڪتاب ڇپرايا. نامور اديب پروفيسر مختيار سمي چيو ته پروفيسر يوسف شيخ پنهنجي شخصيت ۾ خوبين ۽ صلاحيتن جو ڀنڊار هو. هو سٺو تعليمدان، منتظم، ليکڪ ۽ بهترين گفتگو ڪندڙ شخص هو. سندس وڇوڙي سان سنڌ هڪ ماهر ۽ عالم کان محروم ٿي وئي آهي. هن جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. ساڻس گهرو واسطو هسٽاريڪل سوسائٽي جي حوالي سان ٿيو. جيترو وقت به محمد يوسف چيئرمين رهيو، مان سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري رهيس هو پاڻ مٿان ڪم مقرر ڪندو هو. هو ٻئي جي ڪم لاءِ به پاڻ کي ذميوار سمجهندو هو. هو تمام وڏو بهادر انسان هو. کيس انگريزي گرامر ۽ ادائگيءَ تي مهارت هوندي هئي. مون کانئس تمام گهڻو سِکيو. اسان گهر ٿا ڪريون ته ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو نالو ايس ايم يوسف ڪيڊٽ ڪاليج رکيو وڃي، ان موقعي تي هُن، اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري شهزادي شيخ جو موڪليل پيغام پڙهي ٻڌايو، جنهن ۾ هن پڻ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو نالو محمد يوسف جي نالي منسوب ڪرڻ جي گُهر ڪئي ھئي. پروفيسر محمد يوسف شيخ جي فرزند عارف عرفان شيخ چيو ته هڪڙن ماڻهن کي زندگي گذاريندي آهي ۽ ٻيا زندگي گذاريندا آهن، بابا حقيقت ۾ پنهنجي مرضيءَ واري زندگي گذاري. هن پنهنجن اصولن ۽ ضابطن سان حياتي گذاري. هن جي زندگيءَ ۾ مقرر اصول هئا. هن اسان کي پيءُ طور شفقت ته ڏني پر علم به ڏنو. اسان هن کان زندگيءَ جا اصول سکڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي. اسان پڻ بابا کان سکيل ضابطن موجب ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسان حيران ٿيندا هئاسين ته زندگيءَ ۾ ايترا گهڻا ڪم ڪندو ڪيئن هو. هو مالي طور به ماڻهن جي مدد ڪندو هو. هو صبح جو نماز کان اڳ اٿڻ کان وٺي رات جو سمهڻ تائين مسلسل ارڙهن ارڙهن ڪلاڪ ڪم ڪندو هو. اسان هميشه کيس آفيس ۾ ئي ڏٺو. گهر ۾ هو صرف مانيءَ وقت ايندو هو. اسان کي سندس پٽ طور هميشه مٿس فخر رهندو. سماجي شخصيت بدرالدين عباسيءَ چيو ته يوسف شيخ تمام وڏي شخصيت هو، هن سان دوستي، محبت ۽ ڀائپي جو تعلق هو، سچ ته هو مڻيادار ماڻهو هو. نامياري اديب ۽ مترجم ڊاڪٽر محمد خان شيخ چيو ته ڪيپٽن يوسف اسان جي دَور جو جينيس ۽ ليجينڊ هو، آهي ۽ رهندو. جيفرسن آمريڪا جي صدر هجڻ باوجود پنهنجي قبر تي ورجينيا يونيورسٽيءَ جو باني لکرائڻ پسند ڪيو هو. اسان به يوسف شيخ کي وفاقي وزير رهڻ باوجود ڪيڊٽ ڪاليج جو پرنسپال، تعليمدان ۽ بهترين ضابطن تي عمل ڪرائڻ ۽ ڪرڻ وارو انسان سڏڻ سان گڏ، ان کان وڌيڪ حيثيت وارو سمجهون ٿا. پاڻ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو باني هو. کيس وري وري ڪيڊٽ ڪاليج کي سنوارڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويندو هو، جيڪو کيس وڏو مقام عطا ڪري ٿو. اها سندس تربيت ئي آهي ته هن جي وڏي پٽ سندس جنازي نماز پڙهائي. اهو به هڪ نظم ضبط ۽ تربيت آهي. هو پنهنجي مقصد سان سچو هو. يوسف شيخ کي جيڪو سخت سمجهي ٿو اهو اڃا ننڍو آهي. اهو جڏهن وڏو ٿيندو ته سمجهندو ته يوسف شيخ صاحب نرم دل انسان هو. هن شخصيتون ٺاهيون جيڪي سماج ۾ پنهنجو ڪردار ۽ ڪارج ادا ڪري رهيون آهن.اڳوڻي ميئر محمد اسلم شيخ چيو ته پروفيسر يوسف شيخ بابت ڳالهائڻ پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهون ٿا. هو انتهائي مهربان انسان هو. هو عام ماڻهو نه هو. هو هڪ ادارو هو. هو هن دَور جو سر سيد احمد خان هو. هن جي ڪيل خدمت تمام وڏي آهي. هن جا سي ايس ايس پاس ڪيل شاگرد چوندا آهن ته جيڪڏهن مٿن يوسف شيخ جي انتظامي سختي نه هجي ها ته هو ان منزل تي پهچي نه سگهن ها. اسان ڪوشش ڪنداسين ته لاڙڪاڻي جي ڪنهن نئين ٺهندڙ روڊ تي يوسف شيخ جو نالو رکجي. سندس باري ۾ هڪ ڪتاب به ڇپرايو وڃي.نامياري محقق، اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر احسان دانش چيو ته پروفيسر محمد يوسف شيخ سڄي زندگي تعليم ۽ تعليمي ادارن لاءِ جاکوڙ ڪندي گذاري. هو حقيقي معنى ۾ هڪ اداره ساز شخصيت هو. وٽس انوکي ڏات ۽ ڏاهپ هئي. هن وٽ نوان خيال ۽ نيون ڳالهيون هونديون هيون. هن هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي چيئرمين طور بهترين ڪم ڪيو. هن ادارن جي ميٽنگ ڪرڻ، منٽس لکڻ، اهي پاس ڪرائڻ سيکاريا. هن جي سخت رويي پٺيان هن جا اصول هوندا هئا. هن پنهنجي سماج، ادارن، ماڻهن ۽ دوستن لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. هو ڏاهپ رکندڙ ماڻهو هو. هن پاڻ کي ٻاري جَڳ کي روشني ڏني. منهنجو مطالبو آهي ته ڪيڊٽ ڪاليج جي لائبريريءَ يا آڊيٽوريم تي، سندس ياد ۾ نالو رکيو وڃي.نامور اديب پروفيسر ڄام جماليءَ چيو ته سائين محمد يوسف بظاهر ته سخت مزاج ماڻهو هو پر اندر ۾ انتهائي نرم دل ۽ پُر خلوص ماڻهو هو. هُو انگريزي ٻوليءَ جو ماهر هو. سندس لهجو تمام وڻندڙ ۽ ٻوليءَ جي اصولن موجب هو. هو ڊان ۾ سب ايڊيٽر به رهيو. هُو وڏو ڄاڻو ۽ عالم ماڻهو هو. نامياري اديب ۽ محقق امام راشديءَ چيو ته ايس ايم يوسف صاحب هڪ اعلى ماهرِ تعليم، اعلى اديب ۽ مثالي اسڪالر هو. سندس علمي، ادبي ۽ تعليمي خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. هُو جن به ادارن ۾ رهيو، اتي پنھنجا اڻ مِٽ نقش ڇڏي آيو. يوسف صاحب پنھنجي ذات ۾ هڪ اداري مِثل هو. هن جا شاندار علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم سنڌي ادب جو قيمتي اثاثو آهن.پروفيسر محمد يوسف شيخ جي ننڍي ڀاءُ عبدالخالق شيخ چيو ته وڏي ڀاءُ طور ادا جو مون سان شفقت وارو رويو رهيو. هو هڪ سٺو ايڊمنسٽريٽر هو، نه صرف پنهنجن ادارن ۾ پر گهر جي معاملن ۾ به. هن جي سختيءَ پٺيان هميشه شفقت لڪل هوندي هئي. هن زندگيءَ جي هر فيصلي ۾ منهنجي رهنمائي ڪئي. سندس وڇوڙو نه صرف سڄي ڪٽنب لاءِ پر سڄيءَ سنڌ لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. هو اسان سان بظاهر ته گڏ نه آهن، پر اسان جي دل ۾ موجود آهن.نامياري اديب ذوالفقار راڄپر چيو ته ڪيپٽن يوسف شيخ جي زندگي وقت جي پابندي ۽ پنھنجو پاڻ تي ضابطو رکڻ جو عڪس هئي. کيس سنڌ جي نوجوانن جي قابليت جي بنياد تي تعليم ۽ تربيت جي چنتا سان گڏ سنڌي ادب، تاريخ، ثقافت ۽ ڪتابن سان گهڻو لڳاءُ هو. منجهس تمام گهڻيون خوبيون هيون.نامور ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ نثر نويس محمد علي پٺاڻ چيو ته ڪيپٽن يوسف شيخ پنهنجي سموري زندگي علم ورهائڻ ۾ صَرف ڪئي. هو تاريخ جي ورقن ۾ سدائين زنده رهندا.مشهور شاعر پروفيسر انيس گل عباسيءَ چيو ته مون کي سائين يوسف شيخ بابت ڳالهائيندي جرئت نه ٿي ٿئي. مون کي يقين نه ٿو اچي ته هو گذاري ويو آهي. هو منهنجو شفيق استاد هو. هن مون کي علم، ادب ۽ اکرن کان واقف ڪيو. هن اڄوڪن وڏن وڏن ماڻهن کي اٿڻ ويهڻ، پڙهڻ، پڙهائڻ ۽ زندگيءَ جا ضابطا سيکاريا. هو هر علم تي دسترس رکندڙ هو. يوسف شيخ صاحب هڪ رپيو به ڪنهن اداري مان نه کاڌو. مشهور اديب ۽ شاعر پروفيسر ملهار سنڌيءَ چيو ته پروفيسر محمد يوسف شيخ نامور تعليمي ماهر ۽ بهترين منتظم هو. هن سموري زندگي، لاڙڪاڻي سميت سموري سنڌ جي تعليمي ترقيءَ لاءِ سچائيءَ سان ڀرپور جدوجهد ڪئي. هو ادارا ٺاهيندڙ شخص هو. سندس علمي، ادبي خدمتن کي ڪڏهن به فراموش نه ٿو ڪري سگهجي. هو لاڙڪاڻي جو ته محسن هو جنهن هسٽاريڪل سوسائٽي پاران ضلعي جي تاريخ تي وڏو ڪم ڪيو. نامياري اديب ۽ ڪهاڻيڪار پروفيسر رضوان گل چيو ته اسان هن کي هميشه هڪ چاچي طور محسوس ڪيو. بظاهر هو سخت هو پر هن جي سختي ڪم صحيح طرح سان ڪرائڻ لاءِ هوندي هئي. هن جي ڳالهين جو محور ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو هو. وٽس تمام گهڻا تصور ۽ خيال هئا. تعليم لاءِ هن تمام گهڻو ڪم ڪيو، جنهن جي مڃتا ۾ ئي کيس نگران وفاقي وزير بڻايو ويو ۽ حڪومت پاڪستان طرفان ستاره امتياز پڻ ڏنو ويو. هن تعليم جي شعبي ۾ وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا. تعزيتي ريفرنس ۾ لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي مان اديبن، محققن، شاعرن ۽ سڄاڻ فردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جن ۾ پروفيسر عاشق علي ڪلهوڙو، شهمير سومرو، وفا اسلم شيخ، عيسى ميمڻ، عزيز منگي، استاد گل دايو، نظام چانڊيو، ڪوڙل قربدار، عبدالنبي ساريو، ثناءُ الله عتيق، سجاد شيخ، شرافت علي سمون، پنجل سانگي، احمد علي صابر چانڊيو، عبدالهادي بگٽي، شيخ نديم، ڊاڪٽر عبدالرزاق سومرو، پروفيسر عبدالفتاح سپرو ۽ ٻيا شامل هئا.