263

سنڌ حڪومت پاران مسافر بسن جي انشورنس پاليسي متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت مسافر بسن جي انشورنس پاليسي متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير سيد اويس شاهه جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ بسن جي انشورنس متعارف ڪرائي رهيا آهيون، بس حادثن تي بس ۾ سوار مسافرن کي معاوضو ملندو،  اويس شاهه جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ريڊ لائين بس سروس مارچ ۾ مڪمل  ڪئي ويندي. صوبائي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته جولاءِ ۾ ييلو لائين بس سروس به شروع ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو