ليکڪ: ڊاڪٽر شير مهراڻي
ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ ڪڏهن مڙهه مقام ۾
واريءَ سندو ڪوٽ، اڏي اڏبو ڪيترو…
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي صاحب جي ڪمهلي وڇوڙي تي اعتبار ئي نٿو اچي، توڙي جو آلين اکين سان اي بي لاشاري، جمال الدين جتوئي، مهراڻ جمال ڄامڙي، مريد ڄامڙي، ميڊم عابده، ميڊم سيما ۽ پرويز ابڙي سميت ڪيترن ئي سوڳوارن سان گڏ سندس آخري مرڪ ڏسي آيو آهيان. هن کي ايمبولينس ۾ سرد خاني ڏانهن موڪلي پنهنجي گهر جو جھڙو ڪر رستو ئي ڀلجي ويو آهيان. اڃان ٻه چار ڏينهن اڳ ئي ته ڌرتي ٽي وي جي ڪلچرل پروگرام ۾ گڏ هئاسين. اتي اسان کُلي ڪري ڪلچر تي ڳالهايو. ۽ وس وارن کان گهر ڪئي ته هن ڏينهن کي ڪلچر جو عالمي ڏينهن ڪري ملھايو وڃي. پروگرام کان پوءِ کيس سندس گهر ڊراپ ڪرڻ جو چيم ته منع ڪيائين پر منهنجي زور ڀرڻ تي راضپو ڏيکاريائين. مون کين ايم اي جناح روڊ جي ڀر ۾ سندن گهر ويجهو ڊراپ ڪيو ته مسڪرائي الوداع چيائين، پر مون گاڏي مان لهي کين ڀاڪر پائي موڪلايو. ڪھڙي خبر ته اهو آسيس ۽ شفقت جو آخري ڀاڪر هوندو.ڪيئي سال اڳ آئون ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان خبرون پڙهندو هيس، هڪ ڏينهن ريڊيو جي ٻاهران ملاقات ٿي وئي، مونکان ريڊيو جي پروگرام رسالي ۾ ادبي خبرون پڙهايائين. محبتن جو تعلق وڌيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ ايم فل دوران اسان جو استاد مقرر ٿي آيو. استاد گهٽ دوست وڌيڪ ٿي رهيو. آئون جڏهن ڪراچي يونيورسٽي ۾ استاد ٿي آيس ته پنهنجي وفاقي يونيورسٽي ۾ ڪيترن ئي شاگردن جي زباني امتحانن ۽ سيمينارن ۾ ماهر طور گھرايائين. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي شخصيت انتهائي ٻاجهاري ۽ شفيق هئي.هن کي هر وقت سنڌي ٻوليءَ، ادب، لوڪ ادب، سنڌي شاگردن ۽ انهن جي مسئلن جو اونو هوندو هو. هو هر وقت ڪجهه نه ڪجهه لکندو، پڙهندو، سوچيندو ۽ عمل ڪندي نظر ايندو هو. مون جڏهن به ساڻس گفتگو ڪئي هن علم، ادب، ٻولي ۽ يونيورسٽين ۾ شاگردن کي درپيش مسئلن تي ڳالهايو. سنڌ جي يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبا کلڻ سندس خواب هو. لوڪ ادب کي ترقي وٺرائڻ ۾ هن عملي ڪم ڪيا. سندس خدمتون ڪڏهن به وساري نه سگهبيون. پنهنجو هر نئون ڪتاب تحفي طور ڏنائين. سندس پروگرام ۾ اڄ به وڃڻا هئاسين. پر افسوس… پروگرام بدران کيس ڏسڻ سول اسپتال ويس. پر پکي اڏامي چڪو هو. ڪنهن شاعر ٺيڪ ئي چيو آهي ته مٽي هميشه مٽي کي مان ڏيندي ۽ پڪاريندي رهندي آهي. ڊاڪٽر ڪمال جي مٽي سنڌ جي مٽي کي مان ڏنو ۽ سنڌ جي مٽي کيس پنهنجي هنج ۾ سمهاري ڇڏيو آهي. هو هن مٽيءَ جو ماڻهو هو، هن مٽيءَ جي خدمت ڪئي ۽ آخر وڃي مٽيءَ سان مليو.سمجھه ۾ نٿو اچي ته سندس اوچتي وڇوڙي تي کيس ڪھڙن لفظن سان ياد ڪريان. بس ائين ٿو لڳي ته اسان مان ڪوئي به ڪنهن به وقت وڃي سگهي ٿو…
الوداع ڊاڪٽر ڪمال صاحب
لو يو ڊاڪٽر ڪمال صاحب
ڪنهن دور ستاري تي ٻيهار به ملندا سين…