ايڊيٽوريل
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي راڻيپور ڀرسان ڳوٺ گل محمد ڄامڙي ۾ غريب پورهيت لونگ خان ڄامڙي جي گهر ۾ پهرين آگسٽ 1972ع تي جنم ورتو، هن پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان ورتي، ميٽرڪ ۽ انٽر راڻيپور جي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مان ڪرڻ بعد ڪراچي يونيورسٽي مان بي اي (آنرز) ۽ ايم اي (سنڌي) ۾ ڪيائين، هن مئي 1998ع تي ڪراچي يونيورسٽي جي شاهه لطيف چيئر ۾ ريسرچ آفيسر طور پنهنجي نوڪري جي شروعات ڪئي، جنهن کانپوءِ آگسٽ 2000ع ۾ اسلاميه سائنس ڪاليج ڪراچي ۾ سنڌي سبجيڪٽ جو ليڪچرار مقرر ٿيو، ان دوران هن ڪراچي يونيورسٽي مان ئي لوڪ ادب تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ورتي، جيڪو ڪتاب 2010ع ۾ ثقافت کاتي پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ڪل وقتي ليکڪ ۽ مسلسل جاکوڙي شخصيت رهيو، هن پنهنجي زندگي ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي جهتون ڪيون، سندس زندگي جو مک ڪم لکڻ، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ رهيو ۽ لکڻ سان سندس روح جو رشتو جڙيل هو، ڪراچي ۾ ڊيوٽي دوران هو ماهوار رسالي ماهه روز جو ايڊيٽر ۽ اسلاميه ڪاليج ميگزين جو چيف ايڊيٽر به رهي چڪو آهي، هن سنڌي اخبارن ۽ رسالن لاءِ ڪيترائي تحقيقي مقالا، مضمون لکيا ۽ سندس شاعري به ڇپبي رهي، هن ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ به وڏو ڪم ڪيو ۽ ڳچ عرصو سنڌي توڙي اردو ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ لکندو رهيو، هن ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي ڪمپيئر ۽ انائونسر طور فرض سرانجام ڏنا، سندس طارق عزيز شيخ سان گڏجي لکيل ”شاهه عبداللطيف ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر“ ڪتاب لکيو جيڪو شاهه لطيف چيئر ڪراچي پاران ڇپيو ويو، ان کانسواءِ سنڌي لوڪ فنڪارن بابت سندس ڪتاب ”سنڌي ثقافت جا امر آواز“ به ثقافت کاتي پاران ڇپايل آهي، هو آخري وقت تائين وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي جي سنڌي شعبي سان لاڳاپيل رهيو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي پنهنجي سروس دوران ڪيترن ئي شاگردن جي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ۾ نگران طور ڊيوٽي سرانجام ڏني، هن ڪميشن جي امتحانن ۾ ماهر طور ڪيترن ئي سنڌي شاگردن کي همٿائي اڳيان آندو ۽ انهن کي اعليٰ درجي تائين رسايو.
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو ڪردار سنڌ جي نوجوانن لاءِ اتساهه وارو ڪردار آهي، هن غريبي گهراڻي ۾ جنم ورتو ۽ اڻٿڪ محنت ڪري هو انتهائي وڏن عهدن تي پهتو ۽ وڏن عهدن تي پهچڻ باوجود هن پنهنجي ڪردار کي انتهائي مٿانهون رکيو، نه صرف ايترو پر هن سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي جيڪا خدمت ڪئي، اها ڪڏهن به فراموش نٿي ڪري سگهجي، هن سنڌي لوڪ ادب بابت جيڪو به تحقيقي ڪم ڪيو آهي، ان جي سنڌ جو هر طبقو ساراهه ڪري ٿو، جڏهن جڏهن به سنڌي ٻولي کي ڪراچي جي ادارن مان ٻاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان وقت ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ڀرپور مزاحمت سان اهڙي عمل جو مقابلو ڪيو ۽ نوڪرين ۽ عهدن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ هن باآواز بلند ٿي اهڙي عمل کي للڪاري کوڙ سارا فيصلا واپس وٺرايا، بظاهر نهٺي ۽ نماڻي طبيعت رکندڙ سنڌ جي لکاري ڌرتي ۽ ٻولي جي حوالي سان ڪا به سوديبازي قبول نه ڪئي، ان ڪري سنڌ جو هر طبقو کيس گڏيل عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسندو هو، اسان سمجهون ٿا ته سنڌ جي هڪ اهڙي لائق پٽ جو اوچتو لاڏاڻوسنڌ، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي لاءِ انتهائي ڏک واري خبر آهي ۽ سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب جو سندس لاڏاڻي سان جيڪو نقصان ٿيو آهي، اهو ڀرجڻ ۾ وقت لڳندو، اسان سنڌ جي هن لائق، فائق فرزند جي لاڏاڻي تي سندس ڪٽنب ۽ سندس چاهيندڙن سان ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ دعاگو آهيون ته اهو کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ ترين مقام عطا فرمائي.