196

ٻيٽن بابت آئين ۽ قانون کان مٿانهان ٿيندڙ فيصلا…!!

ليکڪ: سڪندر بوزدار

سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف سنڌ جي شهرن ۽ گهٽي گهٽي ۾ ٿيندڙ احتجاج جيئن ئي ڪجهه ماٺو ٿيو ته وفاق وري پنهنجي مهم جوئي تيز ڪري ڇڏي آهي، ۽ لڳي ائين ٿو ته وفاق ڪنهن به صورت ۾ پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي، ٻيٽن تي قبضي خلاف ڪورٽ ۾ ڪيل ڪيس ۾ وفاق ڌر بڻجي تياريون شروع ڪيون آهن ۽ وفاق سنڌ جي مخالفت ۽ هلندڙ احتجاجن دوران ئي غير ملڪي ڪمپنين سان MOU سائن ڪري ورتا.وفاقي وزير غير.ملڪي ڪمپني سان معاهدي کان اڳ ۽ معاهدي کانپوءِ ٻيٽن تي ترقي جي منصوبن جون برڪتون ڳڻائڻ شروع ٿي ويا آهن، وقت به وقت ملڪ تي ڪيترن ئي ڊڪٽيٽرن ۽ آمرن  حڪومت ڪئي آهي، جڏهن به ڪنهن اشو تي سنڌ جو عوام اٿو کڙو ٿيو ته حڪومت پوئتي پير ڪيا، هي پهريون ڀيرو آهي جو عمراني حڪومت ارڙهين ترميم هوندي اهو رويو اختيار شروع ڪيو آهي ته جتي چاهيون قبضو ڪري سگهون ٿا، جيڪا قيمتي زمين چاهيون وڪرو ڪري سگهون ٿا، ڪنهن جي آڏو  جوابده ناهيون نه ئي ڪراچي کان ڪشمور تائين ٿيندڙ احتجاج ڪا معنيٰ رکن ٿا نه ئي صوبائي حڪومتن جا فيصلا نه ئي سنڌ اسيمبلي جي ٺهراءَ جي ڪا اهميت آهي، سنڌ اسيمبلي  صدارتي آرڊينس کي رد ڪندي جيڪو ٺهراءُ منظور ڪيو هو ان جي ڪاپي وفاقي قانون واري وزارت کي اماڻي وئي هئي، وفاقي حڪومت ان جو به ڪو جواب نه ڏنو، ان مان ئي عمراني حڪومت جي نيت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته انهن اڳيان سنڌ حڪومت ۽ سنڌ اسيمبلي جي ٺهراءَ جي ڇا اهميت آهي؟ سنڌ جي ٻيٽن تي گهڻ  ماڙ عمارتون قائم ڪرڻ واري وفاقي منصوبي ۽ قبضي خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻجي روڊن رستن تي نڪري آئي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي به ٻيٽن تي ترقي جي نالي سان وفاقي قبضي يعني صدارتي آرڊينس کي رد ڪندي ٺهراءُ پاس ڪيو، ان باوجود وفاق ان ڳالهه تي ضد ٻڌي بيٺل آهي ته ٻيٽن تي هر صورت ۾ قبضو ڪرڻو آهي، سنڌي قوم جي احتجاج جو ڪو به خيال ناهي رکڻو، جڏهن ته جمهوري حڪومتون عوام جي راءِ جو وڏو خيال رکنديون آهن ! پر هتي ڳالهه ابتي آهي، چري ڪيئن چئي ويران ويران وڌ وانگر وفاقي وزير ٻيٽن تي قبضي جي حق ۾ هر روز ٽي وي ٽاڪ شو يا عوامي ميڙاڪن ۾ کلي عام قبضي جو اعلان ڪن ٿا ۽ ان جي جواز ڄاڻايو وڃي ٿو ته سنڌ حڪومت اڳ ۾ لکت ۾ اين او سي جاري ڪئي هئي، فرض ڪريو ان ڳالهه کي مڃي به وٺجي ته ان ئي حڪومت جي جاري ڪيل اين او سي جائز ۽ اسيمبلي جو ٺهراءَ ناجائز اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي؟ جيڪڏهن وفاق سنڌ حڪومت کي ايترو ئي مڃي ٿو ته پوءِ پهرين جواز جي طور تي ٻئي جواز کي ڇو نٿو مڃيو وڃي، جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت شروع کان ئي اهو موقف رکيو آهي ته ٻيٽ سنڌ جا ملڪيت آهن ۽ اهي ڪنهن به صورت ۾ غير آئيني قدمن ذريعي هڙپ ڪرڻ نه ڏنا ويندا. سنڌ جي سخت مخالفت کانپوءِ حڪومت ارهه زورائي ڪري ٻيٽن بابت پنهنجين گڏجاڻين ۾ سنڌ جي نمائندي طور گورنر کي گهرائي مڙئي ڪوٽا پوري ڪري رهي آهي، جڏهن ته انڌو به اهو ٻڌائي سگهي ٿو ته گورنر جي آئيني پوزيشن صوبي نه پر وفاق جي نمائندي جي آهي، صوبن اندر گورنر جا آئيني انتظام ۽ اختيار واضح آهن، اهو آئيني عهدو آهي، جيڪو صوبن ۽ وفاق وچ ۾ صرف رابطي ڪاري لاءِ آهي، جيئن حڪومتي ماحول کي بهتر بڻائي سگهجي، ان کان وڌيڪ گورنر جي آئين ۾ ڪا به اضافي ذميواري نه آهي، پاڪستان جي آئين جي قيام کي ڪو ايترو وقت نه ٿيو آهي، جو ماڻهو منجهي پون، سنڌ سان وفاق جي 75 سالن کان هلندڙ اهڙين ارهه زورائين ۽ اڪابرن پاران آئين کي بار بار اٿلائي پٿلائي عوام آڏو رکڻ کانپوءِ سنڌ جو ٻچو ٻچو اهو ڄاڻي ٿو ته گورنر صوبي نه پر وفاق جو نمائندو آهي ۽ ان جون آئيني حدبنديون ڪهڙيون آهن، ان جون ذميواريون ڇا آهن؟ ۽ گورنر آفيس جو ڪم ڪهڙو آهي؟ افسوس آهي ته ايڏي وڏي ناحق تي به هن ملڪ جون عدالتون جيڪي آئين جي تشريح جو گهر آهن، اهي خاموش آهن ۽ ان جاءِ تي ڪو به سوموٽو نٿو ورتو وڃي، 

وفاق ٻيٽن تي قبضي جي حق ۾ بيان ڏيڻ لاءِ پنهنجي پوري ٽيم کي پوري ڪيس اسٽڊي سان تيار ڪري ڇڏيو آهي ، جڏهن وفاقي نمائندن کي ٽاڪ شوز ۾ اهو چوندي ٻڌو ويو آهي وفاقي حڪومت سنڌ جي ٻيٽن تي گهڻ ماڙ عمارتن وارو شهر اڏڻ جو منصوبو هر حال ۾ پورو ڪندي ۽ سنڌي قوم جي مخالفت جي ڪابه پرواهه نه ڪندي، جڏهن ته وفاق جو اهو قبضو ترقي جي نالي سان ڀنڊاڙ ٻيٽ تائين محدود نه هوندو سڄي سامونڊي پٽي وفاق جي نظرن ۾ آهي، سڄي سامونڊي پٽي وفاق پنهنجي قبضي ۽ ڪنٽرول هيٺ رکڻ چاهي ٿو، ڀنڊار ته شروعات آهي، ان لاءِ وفاق سنڌ جي نمائندن ۽ سنڌ حڪومت سان مشورو ڪرڻ لاءِ به تيار نه آهي، زبردستي فيصلا مڙهڻ صوبن جي ملڪيتن تي قبضن جي ڪوشش بي اطميناني کي جنم ڏيندي، جنهن سان بي اعتباري وڌندي آهي ۽ بي اعتباري سانحن کي جنم ڏيندي آهي، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌي قوم جي احتجاجن جو احترام ڪيو وڃي سنڌ اسيمبلي پاران رد ڪيل صدارتي آرڊينس کي قانون مطابق اڪلايو وڃي، سنڌ اسيمبلي جي ٺهراءَ کي اهميت ڏني وڃي، ۽ صدارتي آرڊينس واپس ورتو وڃي. ڇو ته ٻيٽ رڳو سمنڊ جي وچ ۾ زمين جو ٽڪرو نه آهن، پر اهي سامونڊي جيوت، ماحولياتي ۽ حياتياتي اعتبار کان وڏي اهميت رکن ٿا، ضروري ناهي ته هر ڳالهه ۾ ضد ۽ انا کي ڪم آندو وڃي. حڪمران هونئن ته گهڻ طرفي ۽ گهڻ رخي سوچ سان هم ڪنار هجڻ گهرجن. سنڌي ڪنهن به ريت ترقي جا مخالف نه آهن، پر تاريخي قبضن ۽ جبر سنڌي قوم لاءِ وفاق تي اعتبار جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ ان جي تاريخ تمام ڊگهي آهي، جڏهن ايوبي آمريت جي دور ۾ پاڪستان جا درياهه ڀارت کي وڪرو ڪيا ويا انهن درياهن ۾ سنڌ جو حصو به هو ۽ اهو ٺاهن ذريعي طئه پڻ ڪيو ويو، پر ان مان سنڌ کي هڪ ٽڪو به نه ڏنو ويو، ان کانپوءِ پنجاب جا درياهه وڪڻي سنڌ جي درياهه تي ڌاڙو هڻڻ جو عمل شروع ڪيو ويو ۽ سنڌ جي پاڻي سان پنجاب جون زمينون اڃا تائين آباد ٿي رهيون آهن، جڏهن چشما جهلم لنڪ ڪئنال جڙي رهيو هو ته اهو ٺاهه ڪيو ويو هو ته اهو ڪئنال برساتي ڪئنال آهي ۽ صرف برسات ۾ ٻوڏ دوران واڌو پاڻي وهايو ويندو پر پوءِ ان ٺاهه کي وفاق پاڻ ئي رد ڪندي ان کي 12 ئي مهينا وهائي رهيو آهي، نه صرف ايترو پر سنڌ سان هر حوالي سان ناجائزيون ڪيون ويون آهن، وفاقي نوڪرين ۾ سنڌ جي ڪوٽا تي ٻين صوبن جا ماڻهو نوڪريون ڪري رهيا آهن، سنڌ جا سمورا معدني وسيلا وفاق جي قبضي هيٺ آهن، ان سڄي عمل کانپوءِ سنڌ کي ڪيئن اعتبار اچي ته هي ڪو جائز ڪم آهي، جڏهن ته جمهوري نظام ۽ جمهوري پارليامينٽ هوندي جڏهن توهان ٻيٽن تي قبضي لاءِ صدارتي آرڊيننس جو سهارو وٺو ته ان مان ئي اوهان جي نيت واضح ٿي وڃي ٿي ته اوهان ترقي ڪرڻ يا ترقي ڏيارڻ نه پر قبضي جي نيت سان ٻيٽن تي والار پيا ڪيو، ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ۽ اهو وزيراعظم سميت اوهان سڀ اعتراف به ڪيو ٿا، جيڪڏهن اوهان کي ٻيٽن تي شهر اڏڻا آهن، اوهان کي ترقي ڪرڻي آهي ته پوءِ اها سڌي سنئين سنڌ حڪومت جي حوالي ڇو نٿي ڪئي وڃي؟ ڇو وفاق ٻيٽن جي اصل مالڪن يعني مهاڻن سان ڳالهين لاءِ تيار نه آهي، ڇو آئيني ۽ قانوني حوالا نظرانداز ڪري رهيا آهيو؟ هيءَ ڪا ٻاراڻي راند نه آهي ۽ نه ئي طاقت ذريعي ڪنهن قوم تي اوهان مسلسل قابض ٿي سگهو ٿا، ان ڪري بهتر آهي ته اهڙا فيصلا جيڪي ملڪ اندر نفرتن جو ٻج ڇٽين ۽ دشمني جو بنياد وجهن انهن کي رد ڪيو وڃي. آئون سنڌ جي عوام کي به اپيل ٿو ڪريان ته اچو ته پنهنجي گذريل احتجاجي تحريڪ جو جائزو وٺي نئين سري سان نئين جوش ۽ ولولي سان ميدان کي اهڙو ته سجائي تيار ڪيون جو وفاق کي هڪ قوم جي مزاحمت جي خبر پئجي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو