261

فرانس جو صدر ايمانوئيل ميڪرون به ڪورونا وبا ۾ مبتلا ٿي ويو

يروشلم ( ويب ڊيسڪ) فرانس جو صدر ايمانوئيل ميڪرون به ڪورونا وبا ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، ايمانوئيل ميڪرون کي ڪورونا وائرس  واري رپورٽ پازيٽو اچڻ تصديق فرانس جي صدارتي محل طرفان ڪئي وئي آهي، فرانس جي صدارتي هائوس جو چوڻ آهي ته جيئن ئي ميڪرون کي ڪورونا جون علامتون ظاهر ٿيون، ان جوڪورونا  ٽيسٽ ڪرايو ويو جنهن کان پوءِ  7 ڏينهن لاءِ ميڪرون پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته صدر ايمارنوئيل ميڪرون پنهنجي ذميواريون صدارتي محل مان نڀائيندو رهندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو