277

وزيراعظم جا صلاحڪار خصوصي دعوت تي ڪميٽين جي اجلاسن ۾ شريڪ ٿي سگهندا، حڪمت عملي تيار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جا صلاحڪار  هاڻي خصوصي دعوت تي ڪميٽين جي اجلاسن ۾ شريڪ ٿي سگهندا، جنهن لاءِ وفاقي حڪومت نئين حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي، وزيراعظم هائوس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين جوڙيل حڪمت عملي تحت هاڻي وزيراعظم جا صلاحڪار خاص دعوت تي اي سي سي سوڌو ڪابينا جي ٻين اهم اجلاسن ۾ شريڪ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب واپار وارو صلاحڪار اي سي سي، ڪابينا ڪميٽي نجڪاري ، ڪابينا ڪميٽي سرڪاري ملڪيتن ۽ ادارن ۽ ڪابينا ڪميٽي، سي پيڪ ڪميٽي ۾ خاص دعوت تي شرڪت ڪندا. جڏهن ته پيٽروليم وارو خاص صلاحڪار ، ڪفايت شعاري جو صلاحڪار به ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو