275

بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ سبب 8 ڄڻا مار جي ويا، حادثن ٽن ڄڻن جي حياتي کسي ورتي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ سبب 8 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته حادثن ٽن ڄڻن جي حياتي کسي ورتي آهي. رپورٽن مطابق پنجگور جي علائقي پروم ۾ ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين جي ماڻهن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، نتيجي ۾ 5 ڄڻا قتل ٿي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا. مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال پنجگور منتقل ڪيو ويو. ٻئي پاسي خاران ۾ ڪوشڪ روڊ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مير احمد ۽ بلوچ خان مارجي ويا، پوليس مطابق فائرنگ وارو واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو، جڏهن ته ڪوئيٽا جي اوڀر واري باءِ پاس تي هٿياربندن موٽرسائيڪل  ڦرڻ دوران مزاحمت تي موٽرسائيڪل سوار کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. هوڏانهن ضلعي قلات جي علائقي سوراب ۾ تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جيڪي ڪوئيٽا جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن. مستونگ جي علائقي گنج ڊوري ۾ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار گل خان ٿڏي تي دم ڏنو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو