ميرپورخاص(سٽي رپورٽر) تعلقي سنڌڙي جي مختلف ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نھ ٿيو ، سخت سردي ۾ علائقي واسي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا، مختلف ڳوٺاڻن پاران پاڻي نيڪال ن ٿيڻ خلاف ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي روينيو ۽ آبپاشي عملدارن خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ، ان موقعي تي متاثر ڳوٺاڻن محمد پريل مري، خميسو مري ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو تھ سندن ڳوٺن جنھن ۾ ڳوٺ حاجي بچل مري، حاجي عيسيٰ مري، ڳوٺ محمد پريل مري مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب برساتي پاڻي گھرن ۾ بيٺل آھن جنھن ڪري ھن سخت سردي جي موسم ۾ اسان اذيت واري زندگي گھارڻ تي مجبور آھيون جڏھن تھ مختلف ڳوٺن کي ڪٽ ھنيا ويا ھئا، انھن ۾ موريون نھ ٺاھڻ سبب اسان جي اچ وڃ جا رستا پڻ مڪمل بند آھن جڏھن ته اڳوڻي اي سي سنڌڙي سليم شيخ پاران ڪوڙي رپورٽ ٺاھي اعليٰ اختيارين ڏانھن موڪلي جنھن ۾ ھن ڄاڻايو آھي ته پاڻي نيڪال ڪيو ويو آھي جڏھن ته روينيو عملي پاران ڄاڻايل علائقي واسين کي ڪا ٽينٽ ، راشن وغيرهه ڪجهه به نھ ڏنو جنھن ڪري غريب ماڻھو ٻه ويلا ماني لاءِ پريشان آھن متاثرن جو مال روينيو عملدار پاڻ ھڙپ ڪري ويا آھن جڏھن ته اسان جي ڳوٺن ۾ جر جو پاڻي کارو ٿيڻ سبب پيئڻ جي پاڻي لاءِ پڻ پريشان آھيون. ھنن سنڌ جي وڏي وزير ، صوبائي وزير آبپاشي ۽ ڪمشنر ميرپورخاص ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽس وٺي فوري طور سندن ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪري متاثرن کي ٽينٽ ۽ راشن مھيا ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.
286