268

ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙيءَ تي ٽام ڪروز پنهنجي عملي تي ڏمرجي پيو، آڊيو وائرل

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙيءَ تي اداڪار ٽام ڪروز پنهنجي عملي تي ڏمرجي پيو، اهڙي آڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. لنڊن ۾ فلم ”مشن امپاسبل“ جي هلندڙ شوٽنگ دوران هالي ووڊ اداڪار ٽام ڪروز جي هڪ آڊيو وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي فلم جي عملي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيو آهي. آڊيو مطابق اداڪار پنهنجي عملي کي چئي رهيو آهي ته سموريون انشورنس ڪمپنيون، اسٽوڊيوز ۽ پروڊيوسر اسان تي نظر رکيو ويٺا آهن، اسان کي ٻين لاءِ مثال بڻجڻو آهي، اهي سڀ اسان جو مثال ڏئي فلمون ٺاهڻ چاهين ٿا، فلمن جي ٻيهر شوٽنگ جي شروعات به اسان جي ڪري ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته انهن کي اسان تي اعتماد آهي، اسان کي انهن جي اعتبار کي ٽوڙڻو ناهي. اداڪار وڌيڪ چيو ته ڇا ڪنهن کي پنهنجي ذميواري جو احساس ناهي، جيڪڏهن هاڻي ڪنهن ڀڃڪڙي ڪئي ۽ صحيح موقف پيش نه ڪري سگهيو ته ان کي فارغ ڪري ڇڏيندس.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو