لاهور ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽي 10 ليگ لاءِ مشروط اين او سي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، پي سي بي مطابق ابوظهبي ٽي 10 ليگ جي لاءِ اين او سي ڏني ويندي، پر ڏکڻ آفريڪا جي خلاف ٽي 20 سيريز جي رانديگرن کي بائيو سڪيورببل ۾ آڻڻ لازمي هوندو. پي سي بي جو چوڻ آهي ته سيريز جي لاءِ چونڊيل رانديگرن جي لاءِ 3 فيبروري تي رپورٽ ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويندو ۽ ڪرڪيٽرن کي لاهور بائيو سڪيورببل ۾ رپورٽ ڪرڻو پوندو. ياد رهي ته ابوظهبي ٽي 10 ليگ 28 جنوري کان 6 فيبروري تائين منعقد ڪئي ويندي.
