بيجنگ (ويب ڊيسڪ) گذريل مهيني چنڊ تي اماڻيل چيني خلائي جهاز ”چانگ اي 5“ پنهنجو مشن ڪاميابي سان مڪمل ڪندي چنڊ جي مٽي ۽ پٿرن جا لڳ ڀڳ 2 ڪلو گرام وزني نمونا حفاظت سان کڻي زمين تي واپس پهچي ويو آهي. هن خلائي مشن جو ريٽرن ماڊيول 16 ۽ 17 ڊسمبر جي وچ واري رات بيجنگ جي مقامي وقت مطابق رات 59: 1 تي منگوليا جي علائقي سيزي وانگ جي برفاني ميدان ۾ هڪ وڏي پيراشوٽ ذريعي لهي ويو. ان وقت پاڪستان ۾ رات جا 59: 10 منٽ ٿيا هئا.
201