269

سعودي ڪسٽمز نشي وارين 80 لک کان وڌيڪ گورين جي اسمگلنگ ناڪام بڻائي ڇڏي، 3 ڄڻا گرفتار

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي ڪسٽمز پرڏيهه مان نشي وارين گورين جي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. سعودي خابرو اداري موجب سعودي ڪسٽمز پرڏيهه مان نشي وارين گورين جي اسمگلنگ کي ناڪام بڻائيندي هڪ سعودي ۽ ٻن شامي شهرين کي حراست ۾ ورتو آهي. ڪسٽمز کاتي جي ترجمان چيو ته ضبط ڪيل نشي وارين گورين جو انگ 80 لک کان وڌيڪ آهي. جن کي شپمنٽ ۾ لڪائي اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي. اسمگلرن کي منشيات جي روڪٿام واري اداري جي حوالي ڪيو ويو آهي، جتي کانئن وڌيڪ جاچ ڪري ڪيس عدالت ۾ اماڻيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو