245

ڪوئيٽا ۾ ٿڌ ۾ واڌ، روڊن تي برف ڄمي وئي، ترڪڻ سبب 27 ڄڻا زخمي، ڪاروبار ٺپ، ماڻهو گهرن تائين محدود

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ ٿڌ ۾ واڌ اچي وئي آهي، ٿڌ سبب روڊن تي برف ڄمي وئي آهي، روڊن تي برف ڄمي وڃڻ ڪري روڊ حادثا وڌي ويا آهن،  مقامي اسپتال جي رپورٽ مطابق ٻن ڏينهن دوران موٽر سائيڪل ترڪڻ سبب 27 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته برف ڄمڻ ڪري سئي گيس جو پڻ بحران وڌي ويو آهي،  اس نه نڪرڻ ڪري ماڻهو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن، نوڪريون ۽ ڪاروبار ڪندڙ ماڻهو سيءُ وڌڻ ڪري گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، ڪوئيٽا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گرمي پد ڪاٽو تائين پهچي ويو آهي. جڏهن ته موسميات کاتي وارن اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 4 ڏينهن دوران علائقي ۾ وڌيڪ ٿڌ پوڻ جو امڪان آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو