رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه چيو آهي ته ڪورونا وائرس کان بچاءَ جي ويڪسين جي پهرين کيپ سعودي عرب پهچي وئي آهي. رپورٽن مطابق رياض ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صحت واري وزير ٻڌايو ته فائيزر ڪمپني جي تيار ڪيل ويڪسين پهچي وئي آهي. هن شهرين ۽ ترسيل پرڏيهين کي هدايت ڪئي آهي ته ويڪسين وٺڻ لاءِ صحتي ايپ ۾ رجسٽريشن ڪرائين. ٻئي پاسي صحت واري وزارت چيو آهي ته صحتي ايپ ۾ رجسٽريشن جي شروعات کان هيستائين هڪ لک پنجاهه هزار کان وڌيڪ شهرين ۽ پرڏيهين پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرايو آهي.
198