ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) پاپوليشن ويلفيئر کاتي سنڌجي ڊائريڪٽر جنرل ريحان بلوچ چيو آهي ته ماڻهن کي فيملي پلاننگ بابت بهتر سهولتون مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ مڪمل حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، جنهن تحت پاپوليشن ويليفيئر کاتي طرفان ورتل ڪوششن جا بهتر نتيجا سامهون ايندا، هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪمشنر ڪانفرنس هال ۾ پاپوليشن ويلفيئر ۽ صحت کاتي جي واسطيدار آفيسرن ۽ ڊاڪٽر سان گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. انهي موقعي تي صحت کاتي جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل عبدالخالق ۽ پاپوليشن کاتي ميرپور خاص جو ريجنل ڊائريڪٽر ويلفيئر دوست علي شاهه پڻ موجود هئا گڏجاڻي ۾ پاپوليشن ويلفيئر کاتي سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل فرحان بلوچ چيوته تعليم صحت سميت ٻين گهربل سهولتن جي بهتر فراهمي لاءِ آبادي تي ضابطو ڪرڻ تمام ضروري آهي آبادي جي تيزي سان وڌڻ سبب ملڪي معيشت ۽ وسيلن جي کوٽ پيدا ٿي رهي آهي، جنهن سبب مسئلا درپيش اچڻ جا امڪان وڌي رهيا آهن هن پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪندي چيوته ڪوشش ڪري بهتر سروس مهيا ڪرڻ لاءِ پنهنجا وسيلا ڪتب آندا وڃن، ضرورت پوڻ جي صورت ۾ صحت کاتي کان سهڪار ورتو وڃي، ڪوشش ڪئي وڃي ته اداري مان ماڻهن کي وڌ کان وڌ فائدو پهچي، جتي به اين جي اوز ۽ ٻين ادارن جا سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن اتي پاپوليشن کاتي جو سينٽر نه هئڻ گهرجي، ڪيمپون پري واري علائقن تي لڳايون وڃن جتي ٻئي ڪنهن به ادري پاران اها سهولت موجود نه هجي، انهي موقعي تي هن ميرپور خاص ڊويزن جي ٽنهي ضلعن جي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفير آفيسرن کي هدايت ڪندي چيوته سينٽرن جا وزٽ ڪيا وڃن انهن جي ڪارڪردگي چڪاسي وڃي، ضرورت پوڻ جي صورت ۾ مان پاڻ به سينٽرن جا اوچتا دورا ڪندس، سستي ۽ غفلت ڪندڙ واسطيدار آفيسرن ۽ عملي خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل ريحان بلوچ پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي آفيسرن ۽ ڊاڪٽرن جا مسئلا ٻڌا ۽ جائز مسئلن کي حل ڪرڻ جو يقين پڻ ڏياريو. گڏجاڻي ۾ ڊي ايڇ او ميرپورخاص سيد مشتاق شاهه، ميرپور خاص جي ڊسٽرڪٽٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر مير فرمان ٽالپر ، عمرڪوٽ جي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر سعيد احمد پٺاڻ، ٿر پارڪرجي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر اسماعيل مڱريو سوڌو ٽنهي ضلعن سان تعلق رکندڙ پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي آفيسرن ۽ ڊاڪٽرن پڻ شرڪت ڪئي.
331