لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز وزيراعظم پاران سينيٽ چونڊون هڪ مهينو اڳ ڪرائڻ واري اعلان کي غيرقانوني قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان ايف بي آر ۽ ايف آءِ اي کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جو چيئرمين به پاڻ ٿي ويهي رهيو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز جو چوڻ هو ته جيڪو ڪرڻو آهي ڪري وٺو، حڪومت نه بچندي، انهن کي پنهنجن ئي پارليامينٽريز تي اعتبار ناهي رهيو، طريقيڪار جي تبديلي لاءِ آئين ۾ ترميم ضروري آهي، آرڊيننس جو مطلب پارليامينٽ کي بلڊوز ڪرڻ هوندو، ذاتي مفادن لاءِ آئين جو چهرو بگاڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين. ليگي اڳواڻ مريم نواز وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪتن سان کيڏڻ الڳ ۽ قومي ادارن سان کيڏڻ الڳ ڳالهه آهي، قومي ادارن سان کيڏڻ خطرناڪ آهي، مخالف ڌر جي استعيفائن تي چونڊ ڪرائڻ جي ڳالهه رڳو ڌمڪي آهي، اسان چوڙيون پائي نه ويهنداسين، اسان توهان جي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون، جلسي دوران هي ڪتن کي کارائي نه رهيو هو پر پنهنجي خوف کي وسارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. مريم نواز الزام لاڳو ڪيو ته جعلي حڪومت پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس ۾ دٻاءُ وجهي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن کي فارن فنڊنگ ڪيس کي به ڏسڻ گهرجي، سياست جي سمورن طريقن کي سمجهان ٿي، هي ڪو ماسي جو گهر ناهي جو توهان ننڍي چونڊ جو اعلان ڪندا ته اسان مڃي وٺنداسين. اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي تقريب ۾ شامل ٿيڻ واري سوال تي مريم نواز جو چوڻ هو ته کيس گذريل ڏينهن پ پ پ چيئرمين ان سلسلي ۾ خاص فون ڪيو هو، منهنجي پوري ڪوشش هوندي ته مان ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ بينظير ڀٽو جي مزار تي حاضري ڏيان. هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته ن ليگ جي تاريخ آهي، مشڪل وقت باوجود نواز شريف جي قيادت ۾ متحد آهيون، ن ليگ جي ٻنهي هٿن سان سلام پيش ڪريان ٿي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ شهباز شريف جي ملاقات بابت ڪوڙيون خبرون پکيڙيون پيون وڃن، جيڪڏهن پي ڊي ايم استعيفائن وارو فيصلو ڪندي ته شهباز شريف گڏ هوندو. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن دلچسپ جواب ڏيندي چيو ته ڇا ميان صاحب جي صحتمند هجڻ تي اعتراض آهي؟ ڇا هو پيزا کائي نٿو سگهي؟
312