260

پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل کي ختم ڪري ون يونٽ لڳايو ويو آهي: سيد جلال محمود شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته صدارتي آرڊيننس ذريعي سنڌ جي ميڊيڪل ميڊيڪل ڪاليجن ۾ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل کي ختم ڪري ون يونٽ لڳايو ويو آهي.  سيد جلال محمود شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن قائم ڪري سنڌ جي شاگردن جو حق غضب ڪيو پيو وڃي ۽ هاڻي به لڳ ڀڳ 3000 کان مٿي سنڌ جي شاگردن جو حق ماري اين ٽي ايس ٽيسٽ ذريعي 68 فيصد ميڊيڪل جون سيٽون پنجاب ۽ ٻين صوبن جي شاگردن کي ڏنيون پيون وڃن ۽ سنڌ جي شاگردن کي پنهنجي حق کان محروم ڪيو پيو وڃي جيڪا سراسر ناانصافي آهي.  ايس يو پي سربراهه وڌيڪ چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ سبب 32 سيڪڙو شاگردن کي پاس ڪري 68 سيڪڙو ميڊيڪل جو سيٽون ختم ڪيون ويون آهن جنهن سبب سنڌ جي شاگردن ۾ احساس محرومي وڌي رهيو آهي.هن چيو ته اين ٽي ايس جي ٽيسٽ تحت ميڊيڪل جا ٽيسٽ فوري طور تي ڪينسل ڪري اڳوڻي طريقي تحت ٽيسٽ ورتو وڃي ۽ سنڌ جي شاگردن کي ميرٽ تحت داخلائون ڏنيون وڃن، 18 ترميم کانپوءِ تعليم نج صوبائي حڪومت جو معاملو آهي ته پوءِ وفاق اهڙي قسم جون تعليمي پاليسيون جوڙي سنڌ سان ٿيندڙ زيادتيون فوري طور تي ختم ڪري شاگردن مان بيچيني ختم ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو