حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته مھانگائي ماڻھن کي خودڪشين تي مجبور ڪري ڇڏيو، ڪرپٽ ماڻھن ۽ غلط معاشي پاليسين جي سزا غريب عوام کي ملي رھي آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته پاڪستان کان گھٽ وسيلن وارا ملڪ به بھتر معاشي پاليسين جي ڪري ترقي ڪري رھيا آھن، اسان وٽ قدرتي نعمتن باوجود ڪروڙين عوام بک، بدحالي ۽ بيروزگاري آھي، ڪجهه ماڻھن کي دولتمند بڻائڻ لاءِ ڪروڙين عوام کي غربت جي ڌٻڻ حوالي ڪيو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته پئٽرول تمام گھڻو مھانگو آھي، بجلي، گئس، کاڌي پيتي جون شيون سڀ آسمان کي پھچي ويون آھن، حڪومت مھانگائي کي گھٽائي عوام دوست خودمختيار معاشي پاليسي جوڙي، پئٽروليم، بجلي ۽ گئس جون قيمتون فوري طور تي گھٽايون وڃن، اٽو، چانور ۽ کاڌي پيتي جون ٻيون شيون سستيون ڪيون وڃن.
336