اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي گڏيل عرب امارتن جي ٻن ڏينهن جي دوري تي دبئي پهچي ويو آهي. دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچڻ تي دبئي ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل احمد امجد علي، سفارتخاني جي سينيئر آفيسرن ۽ اماراتي پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن سندس آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير ٻن ڏينهن جي دوري دوران گڏيل عرب امارتن جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفن ناتن، پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ سميت گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير ان موقعي تي چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.
210