309

سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ آفيسرن جو اجلاس، مطالبن وارو چارٽر تيار، وي سي حوالي ڪرڻ جو فيصلو

ٽنڊو ڄام (رپورٽر) سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ آفيسرس ايسوسيئيشن ڇهن ورهين کان رولڙي جو شڪار هجڻ سبب آفيسرن جا جائز مسئلا حل نه ٿيڻ سبب آفيسرن جو اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ سوين آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سوشلسٽ فورم جوڙيو ويو، جنهن ۾ سيد جواد حسين شاهه، منظور علي مگسي، فقير محمد ڍول، ڊاڪٽر فيصل انصاري، مير سلطان ٽالپر، اشفاق ٻٻر، ﷲ بچايو پهوڙ، فهد قريشي، ڪامران جمالي، لطيف لغاري ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن، اجلاس ۾ فيلصو ڪيو ويو ته نئين ايندڙ وائيس چانسلر کي چارٽ آف ڊمانڊ پيش ڪيو ويندو، جنهن ۾ آفيسرن جو سليڪشن بورڊ ڪرائڻ ۽ ليو انڪيشمينٽ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي سيد جواد حسين شاهه، فقير محمد ڍول، منظور مگسي، عباس ٻٻر، ﷲ بچايو پهوڙ ۽ ٻين چيو ته 6 ورهين کان آفيسر ايسوسيئيشن فعال نه هئي، جنهن سبب آفيسرن جا مسئلا رولڙي جو شڪار  هئا، هنن چيو ته ستن سالن کان آفيسرن  جو سليڪشن بورڊ ناهي ٿيو جنهن سبب آفيسرن جا جائز پروموشن نه ٿيا آهن، هنن چيو ته انتظاميه خسارو هجڻ جو جواز ڄاڻي آفيسرن کي ليوانڪيشمينٽ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، اجلاس ۾ فيلصو ڪيو ويو ته هڪ مهيني اندر جنرل باڊي گهرائي آفيسرن ايسوسيئيشن جي اليڪشن جو اعلان ڪيو ويندو

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو