ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو سنڌ حڪومت ٽرانسپوٽرز، ڊرائيورن، ڪلينرن ۽ مسافرن جي لائيف انشورنس اسڪيم جاري ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ مان جلد قانون ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، صوبائي وزير سيد اويس قادر شاهه سنڌ جي عوام ۽ ٽرانسپورٽرز کي خاطري ڪرائي آهي. ان سلسلي ۾ ڪراچي جي هوٽل ۾ سنڌ حڪومت ۽ پي اي ايس جي سهڪار سان ٽرانسپورٽرز ۽ مسافرن جي آگاهيءَ لاءِ خميس ڏينهن سيمينار ٿيو جنهن ۾ سنڌ توڙي ملڪ اندر سفر ڪندڙ ٽرانسپورٽرن، ڪلينرن، ڊرائيورن ۽ مسافرن لاءِ لائيف انشورنس پروگرام متعارف ڪرايو ويو. اي ٽڪٽنگ جي نظام هيٺ سنڌ ۾ بسن ۽ ڪوچن ذريعي سفر ڪندڙ هر مسافر پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿيڻ کان اڳ ٽڪيٽ تي رڳو 10 کان 20 روپيا واڌ ڏئي ڪري انشورنس پروگرام ۾ شامل ويندو ۽ ڪنهن به حادثي جي صورت ۾ وارثن کي 3 ڏينهن اندر ئي 5 لک روپيا ڏنا ويندا. اهڙيءَ طرح ڊرائيورن، ڪلينرن ۽ بس جي ٻئي عملي جو پڻ مفت انشورڊ ڪرايو ويندو. حادثي ۾ مسافرن کي هڪ يا ٻئي ٽنگون ضايع ٿيڻ يا ٻئي هٿ يا اکيون ضايع ٿيڻ جي صورت ۾ 5 لک روپيا ڏنا ويندا، جڏهن ته حادثي جو شڪار ٿيندڙ گاڏي جي 20 لک روپين تائين مفت انشورنس ڪئي ويندي. پي اي ايس تحت انشورنس پروگرام سنڌ ۾ پهريون ڀيرو متعارف ڪرايو پيو وڃي. تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سيد اويس قادر شاهه چيو ته پي اي ايس ڪي سي اي ۽ ذيشان نيازي جا اسان ٿورائتا آهيون. هن سنڌ جي عوام لاءِ هڪ سٺو منصوبو پيش ڪيو آهي. اميد ته جلد ٽرانسپورٽن سان مشاورت بعد ان منصوبي کي تڪميل جي مرحلي تي پهچايو ويندو.
247