233

سينيٽ جون چونڊون هٿ مٿي ڪرڻ ذريعي ڪرائڻ ممڪن ئي نه آهن،اهڙي ڪا به تجويز ناهي ڏني: اٽارني جنرل

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) اٽارني جنرل آف پاڪستان خالد جاويد خان سينيٽ جون چونڊون هٿ مٿي ڪرڻ ذريعي ڪرائڻ  ناممڪن قرار ڏئي ڇڏيون آهن. ان سلسلي ۾ هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سينيٽ جون چونڊون هٿ مٿي ڪرڻ ذريعي ممڪن ئي نه آهن ۽ حڪومت پڻ سينيٽ جون چونڊون هٿ مٿي ڪرائڻ ذريعي ڪرائڻ بابت ڪڏهن به نه چيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت  سينيٽ جون چونڊون ڳجهي ووٽ بدران رڳو کليل ووٽ جي ذريعي ئي ڪرائڻ گهري ٿي. اسان به حڪومت کي اها ئي تجويز ڏني آهي ته هٿن بدران کليل ووٽنگ ذريعي ئي چونڊ ڪرائي وڃي، ڇو ته کليل ووٽ ذريعي چونڊ ڪرائڻ سان اهي ووٽ پوءِ ڪنهن به وقت ڏسي به سگهجن ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو