288

پي ٽي اي سوشل ميڊيا رولز ۾ اختيارن جو غلط استعمال نه ٿيڻ گهرجي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ)  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ( پي ٽي اي ) سوشل ميڊيا رولز خلاف پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي ) جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي ۾ درخواست گذار جي طرفان بئريسٽر جهانگير جدون عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ پنهنجا دليل ڏنا ته سوشل ميڊيا رولز آئين مطابق پرکي ڪري چئلينج ڪيا ويا آهن، پي ٽي اي اسٽڪ هولڊرن سان صلاح مشوري بجاءِ پاڻ مرادو رولز تيار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيا ۽ هي رولز آئين جي برخلاف آهن، انهن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي، ڊپٽي اٽارٽي جنرل سيد طيب شاهه عدالت کي چيو ته اٽارني  پاڻ پيش تي دليل ڏيڻ چاهي ٿو، ان ڪري ڪجهه مهلت ڏني وڃي. جنهن تي ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي اي جيڪي سوشل ميڊيا رولز تيار ڪيا آهن انهن ۾ اختيارن جو غلط استعمال نه ٿيڻ گهرجي، جنهن ملڪ ۾ راءِ جو اظهار ڪرڻ واري عمل کي دٻايو وڃي اهو  اقتصادي لحاظ کان پوئتي رهجي ويندو آهي،  عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان ٻڌايو ته لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊ ڪير آهن، ڇا انهن سان ڪو صلاح مشورو ٿيو،  جيڪي سوشل ميڊيا رولز تيار ڪيا ويا آهن اهي سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي موڪليا وڃن، عدالت سڳوري ڊپٽي اٽارني جنرل جي استدعا کي منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 25 جنوري 2021ع تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو