265

وزيراعظم آءِ ايم ايف پروگرام ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ آخرڪار بجلي جي اگهن ۾3 روپيا 34 پيسا في يونٽ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ ٽيڪس جي ڏنل ڇوٽ به ختم ڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان آخرڪار بجلي جي قاگهن ۾ اضافي جي منظوري ڏئي آهي جنهن جو مقصد آءِ ايم ايف پروگرام کي ٻيهر شروع ڪرڻ آهي جيڪو گذريل 10 مهينن کان رڪيل هو، وزيراعظم عمران بجلي جي اگهن  ۾ نئين اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ 10 مهينن کان رولڙي جو شڪار بڻيل عالمي مالياتي فنڊ وارا 6 ارب روپيا ٻيهر ملڻ شروع ٿي ويندا، جنهن تحت بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ شرط رکيو ويو هو. منظور کان پوءِ بجلي جي اگهن ۾ 25 سيڪڙو يعني 3 روپيا 34 پيسا في يونٽ اضافو ٿي ويندو. ذريعن مطابق بجلي جي اگهن ۾ اضافي جو فيصلو اصولي طور تي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هاڻي صرف آخري فيصلو  ڪرڻو آهي، هي اضافو هڪ ڀيرو ئي ڪيو ويندو ان کان پوءِ ٻيهر 6 مهينن کان پوءِ ڪيو ويندو. وزيراعظم جي طرفان منظوري ڏيڻ کان پوءِ حڪومت جي معاشي ٽيم سان بجلي جي اگهن ۾ اضافي جي طريقيڪار ۽ هڪ کرب 200 ارب روپين وارن قرضن جي واپسي لاءِ صلاح مشورو شروع ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت بجلي جي بنيادي ٽيرف 13 روپيا 35 پيسن في يونٽ آهي، جيڪا وڌي 16 روپيا 69 پيسا ٿي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي اگهن ۾ اضافو آءِ ايم ايف جي قرض پروگرام کي ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ بنيادي شرط ۾ شامل آهي، جڏهن ته حڪومت طرفان  بجلي جي اگهن ۾ نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين آءِ ايم ايف جو پاڪستان ۾ اچڻ جو ڪوبه امڪان ظاهر نه ٿو پيو اچي. ٻئي طرف ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته  حڪومت غور ڪري رهي آهي ته ڪارپوريٽ سيڪڙ ۾ ٽيڪس جي مد ۾ ڏنل ڇوٽ ختم ڪئي ويندي ته جيئن ان ٽيڪس مان حڪومت کي 200 ارب روپين جي اضافي ٽيڪس ملي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو