188

پاڪستان نيوي جو اڳوڻو وائس ايڊمرل سيد عارف الله حسيني ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان نيوي جو  اڳوڻو وائس ايڊمرل رٽائرڊ سيد عارف الله حسيني ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويو آهي،  پاڪ بحريه فوج جو وائس ايڊمرل (ر ٽائرڊ) عارف الله حسيني ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جهڙي موذي مرض لڳڻ ڪري علاج هيٺ هو ، جتي وينٽيليٽر تي وڃڻ کان پوءِ هن 59 ورهين جي ڄمار ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، عارف الله حسين 23 اپريل 1961ع ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيو، هن 1981ع ۾ پاڪ بحريه ۾ سب ليفٽيننٽ طور ڪميشن ڪري شامل ٿيو، چين، آمريڪا، برطانيه ۾ فني تربيت حاصل ڪئي، پاڪ بحريه ۾ پنهنجي ذميوارين دوران پي اين ايس ذوالفقار ۽ پي اين ايس طارق تي بحيثيت ڪمانڊنگ آفيسر جون خدمتون سرانجام پڻ ڏنيون. ان کان پوءِ ڪمانڊر پاڪستان فليٽ ۽ ڪمانڊر ڪوسٽ کان علاوه ڪمانڊر ڪراچي به رهيو، پاڪستان نيوي ۾ اعليٰ ڪارڪردگي جي بنياد تي کيس هلال امتياز ملٽري ۽ تمغه بسالت به حاصل ڪيو هو، عارف الله حسيني 2017ع ۾ ذاتي مصروفيتن سبب پاڪ بحريه مان بحيثيت وائس ايڊمرل رٽائرڊمينٽ ورتي هئي، جنهن کان پوءِ هو ڪراچي هاڪي ايسوسيئيشن جي سرپرست طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو