233

ٺل ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ٺل(ن سوڀ)ٺل ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مرڪزي سينيئر وائيس چئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ علائقي جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جمال جوش ٻرڙو، لياقت سرڪي، ممتاز ٻرڙو، امداد بجاراڻي ۽ ٻين به حمايت طور شرڪت ڪئي، احتجاجي ريلي جونگل موڙ وٽان ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب آڏو پهتي، جتي مظاهرو ڪندڙن پاران رستو بند ڪري ايس ٽي پي جي اڳواڻ شهيد الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي. احتجاج  جي اڳواڻي ڪندڙن جو چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي کي بيگناهه شهيد ڪيو ويو جنهن کي هڪ مهينو ٿيڻ وارو آهي پر پوليس اصل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ تماشائي وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هنن چيو ته شهيد الطاف جسڪاڻي قومي شهيد آهي هي ڪڏهن به ظالمن آڏو نه جهڪيو، هنن مطالبو ڪيون ته الطاف جسڪاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پوري سنڌ ۾ احتجاج جاري رکنداسونئ

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو