223

150 ميمبر به استعيفيٰ ڏين ته قومي اسيمبلي نه ٿي هلي سگهي: اڳوڻو اسپيڪر اياز صادق

لاهور ( ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق جو چوڻ آهي ته 150 ميمبر به استعيفيٰ ڏين ته قومي  اسيمبلي نه ٿي هلي سگهي، لاهور ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت  ۾ ٻڌڻي کان پوءِ  اڳوڻي اسپيڪر  اياز صادق ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو آهي ته ٻنهي طرفن کان وڪيٽون کيڏڻ جون ڳالهيون ڪندڙ پاڻ ائين ڪري رهيا آهن،  ن ليگ جي سي اي سي ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه نه ٿي هئي، هن چيو ته 150 ميمبر  استعيفيٰ ڏين ته اسيمبلي نه ٿي هلي سگهي ۽ اپوزيشن کان بغير قانون سازي به نٿي ٿي سگهي. اڳوڻي اسپيڪر جو اهو به چوڻ هو ته استعيفائن کان پوءِ ڪارڪن گهرن ۾ نه ويهندا ، لانگ مارچ ۽ استعيفائون اسان جي پنهنجي حڪمت عملي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو