212

ڪينجهر ويجهو ڳوٺ عبدالله گندرو ۾ باهه، ٻارڙي سڙي فوت، والد زخمي، گهر جو الهه تلهه ۽6 ٻڪريون به سڙي خاڪ

ٺٽو(ويب ڊيسڪ)ڪينجھر ڪناري کنڀو مياڻ جي ڳوٺ عبدالله گندرو ۾صبح فجر مھل اوچتو باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ نياز ولد بصر گندرو جي ٻن گھرن کي باھ وڪوڙي وئي، اک ڇنڀ ۾ باھ ٻنھي گھرن کي ساڙڻ سميت گھر ۾ ستل نياز گندرو جي 6 مھينن جي معصوم نياڻي فوزيا ڌي نياز گندرو سڙي مرڻ سان گڏ نياز گندرو پڻ سڙي زخمي ٿي پيو، جڏھن ته گھر ۾ بيٺل 6 ٻڪريون پڻ سڙي مري ويون ۽ گھرن ۾ رکيل سمورو سامان، ھنڌ بسترا سڙي خاڪ ٿي ويا، باھ سبب معصوم نياڻي جي سڙي مري وڃڻ تي ڳوٺ ۾ ڪھرام متل آھي، باھ متاثرين کلي آسمان ھيٺ بي يارو مدد گار بڻيل آھن، ٻڌايو پيو وڃي ته باھ صبح سويل فجر مھل لڳڻ ڪري ننڊ سُتل معصوم نياڻي سڙي فوت ٿي ويئي، جڏھن ته گھر ڀاتي ٻين گھر ڀاتين کي باھ کان بچائيندي سڙي سخت زخمي ٿي پيو آھي، جنھن کي سول اسپتال مڪلي ۾ داخل ڪيو ويو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو