ميرپورخاص (رپورٽ: شاهد ڪيهر) حڪومت پاران ٽماٽا، بصر، سايون ڀاڄيون ۽ ٻيون زرعي جنسون ٻاهرين ملڪن مان گھرائڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف آبادگارن ۽ زراعت واري ڌنڌي سان لاڳاپيل ماڻهن ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، احتجاجي مظاهري ۾ آبادگارن، هارين، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن زراعت بچايو، سنڌ بچايو جي نعري هيٺ ڪيل احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن مير مظهر ٽالپر، علي حسن نون، مير عبيدالله ٽالپر، شاه بيگ مري، مصطفيٰ اُڄڻ، خالد پرويز، منصور چيمه، ميرشيرمحمد ٽالپر، جمال ناريجو، عبدالرئوف آرائين وڪيل، شهزادو ملڪ ۽ ٻين چيو ته حڪومت ان وقت ۾ ٽماٽا، بصر، ڀاڄيون ۽ ٻيون جنسون ٻاهرين ملڪن مان گھرائي رهي آهي جنهن وقت درآمد ٿيندڙ زرعي جنسن جا فصل ملڪ ۾ تيار ٿي چڪا آهن اهڙو فيصلو آبادگار ۽ هاري دشمن فيصلو آهي هنن چيو ته سنڌ ۾ ٽماٽا، بصر ۽ مختلف ڀاڄين جا فصل تيار آهن ۽ مارڪيٽن ۾ پهچي رهيا آهن پر ٻاهرين ملڪن کان انهن زرعي جنسن جي پهچڻ سبب آبادگارن کي وڏو مالي نقصان پهچي رهيون آهي ٽماٽا، بصر سنڌ ۾ ايتري قدر ٿين ٿا جو انهن کي ٻاهرين ملڪ ايڪسپورٽ ڪري ناڻو ڪمائي سگھجي ٿو پر انهي جي ابتڙ حڪومت انهن جنسن کي ٻاهرين ملڪن کان گھرائي رهي آهي اهو عمل سڌو سنئون آبادگارن ۽ هارين جو استحصال آهي هنن چيو ته حڪومت کي گھرجي ته ٽماٽا، بصر، ڀاڄيون، ڪمند، چانور ۽ ڪڻڪ سميت ٻين فصلن جي قيمتن تي ضابطو رکي ۽ آبادگارن کي انهن تي رعايت ڏئي سٺا اگهھ مقرر ڪري ته جيئن زرعي جنسن جي پوک وڌيڪ ڪئي وڃي ۽ ملڪ ۾ انهن جنسن جي کوٽ پيدا نه ٿئي، ٻاهرين ملڪن کان ايندڙ زرعي جنسن جي مارڪيٽ ۾ قيمت به وڌيڪ هوندي آهي جنهن سان عوام کي اهي شيون مهانگي اگھن تي فراهم ٿين ٿيون. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي آبادگارن کي وڌيڪ تباهي ۽ معاشي نقصان کان بچائڻ لاءِ فوري طور ٽماٽا، بصر ۽ ڀاڄين ۽ ٻين جنسن کي ٻاهرين ملڪن مان گھرائڻ بند ڪيو وڃي ۽ وڌيڪ تعداد ۾ پوکيل فصلن کي ٻاهرين ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ ڪيو وڃن، زرعي پاليسي ٺاهڻ واري ڪاميٽي ۾ زرعي اڳواڻن کي شامل ڪيو وڃي، زرعي زمينن ۾ برساتن دوران بيٺل پاڻي کي نيڪال ڪرڻ جو بهتر نظام جوڙيو وڃي. هنن چيو ته جيڪڏهن ٽماٽن، بصر ۽ ٻين زرعي جنسن جي ٻاهرين ملڪن مان گھرائڻ جو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته پوري سنڌ ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
