دنيا ۾ هونئين ته اسان ڪيترن ئي قسمن جا گهر ڏسون ٿا، جيڪي ميدان تي ننڍڙين جهوپڙين کان ويندي سوين ماڙ اوچين عمارتن ۾ موجود آهن پر دنيا ۾ هاڻي اهڙا گهر به ٺهڻ شروع ٿي ويا آهن جو اوهان انهن کي ويڙهي ڪري پاڻ سان گڏ کڻي وڃي سگهو ٿا، جنهن ۾ دنيا جا دلچسپ ۽ انوکا گهر تيار ڪيا ويا آهن، جيڪي جيڏانهن به وڃو پاڻ سان گڏ کڻي وڃو، دل ڇو نه چاهيندي ته خوبصورت ۽ سمورين سهولتن وارو گهر مان پاڻ سان گڏ ڇو نه کڻي وڃان، اهڙو هڪڙو عمارتن جو ماهر آهي جنهن جي گهر ٺاهڻ جي ڪمپني آهي اهو آهي بريٽ هائوس جو باني گينا ڊي بڪونن ، جنهن جو چوڻ آهي ته ڪاٺ جي صنعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گهڻي ڪوشش کان پوءِ نتيجو حاصل ڪيو آهي ته پهريان ڪاٺ جا ڪجهه حصا تيار ڪيا وڃن، جن کي ڪجهه ڪلاڪن جي محنت سان جوڙي گهر تيار ڪيو وڃي، جيڪو جديد گهرن جي تعمير جو جديد طريقو آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهي گهر هڪ راند مثل آهن جن کي جوڙي ڪري گهر ٺاهي سگهجي ٿو.
262