کيبر ( ن سوڀ) کيبر، اڏيرولعل، شيرمحمد ٺوڙها، سيکاٽ، اسٽيشن اڏيرولعل ۽ ڀر پاسي جي ڳوٺن ۾ سئي گئس جي هٿرادو بندش ۽ داٻ گهٽ هجڻ تي سئي گيس انتظاميا خلاف شهرين پاران سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڏيرو لعل جي شهرين وڏيرو غلاممحمد جهيجو، مبارڪ علي قمبراڻي، اديب قمبراڻي، وسيم شيخ، شهزاد علي جهيجو، سليمان خاصخيلي، منظور علي ابڙو، منٺارشيخ ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته سئي سدرن گئس وارا هر مهيني ڳاٽي ڀڳا بل ته هر مهيني موڪلين ٿا پر اڏيرو لعل ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ سئي گئس جي هٿرادو بندش هجڻ سان گڏ ان جو داٻ به نه هجڻ برابر آهي . مٿان وري رات جو هٿرادو بندش جو آزار پڻ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي جنهن سبب سخت پريشانن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. شهر جي پڪن گهرن ۾ ڳوٺ جيان ڪاٺين تي باھ ٻاري رڌ پچاءُ ڪرڻو پوي ٿو. هنن چيو ته سوئي گئس جي بندش ۽ گهٽ داٻ خلاف اداري جي لاڳاپيل اعلي آفيسرن کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون پڻ ڪيون آهن پر ڪو به نوٽيس نٿو ورتو وڃي .هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سئي گئس جو گهٽ داٻ ۽ هٿرادو بندش وارو آزار ختم ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ريجنل آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو.
