201

ڀارت ۾ هارين جي جاري احتجاجي ۾بالي ووڊ اداڪارا سوارا ڀشڪر به شامل ٿي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ زرعي سڌارن لاءِ  هارين جي شروع ڪيل احتجاج جي مختلف سياستدانن، واپارين ۽ فنڪارن کان پوءِ اداڪارن به حمايت شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ بالي ووڊ جون ڪيتريون اداڪارائون به شامل آهن انهن ۾ بالي ووڊ جي مشهور ۽ اڀرندڙ اداڪاره سوارا ڀشڪر به شامل آهن جنهن سوشل ميڊيا تي  ڀارتي هارين جي احتجاج جي حمايت واري وڊيو ۽ احتجاج ۾ شامل هجڻ واري پنهنجي تصوير به شيئر ڪئي آهي. جنهن ۾ هو احتجاج ڪندڙ هارين سان گڏ بيٺل آهي ڪجهه ٻين تصويرن ۾ ٻيا احتجاج ڪندڙ ماڻهو به نظر اچي رهيا آهن، اداڪاره تصوير جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته واپس پنهنجي جاءِ تي اچڻ جي تصوير.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو