257

دادو ۽ جوهي جي ڀرپاسي ۾ ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ هڪ ڄڻو فوت، عورت سوڌو 3 زخمي

دادو/ جوهي ( نمائندن وٽان ) دادو ۽ جوهي جي ڀرپاسي ۾ ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ هڪ ڄڻو فوت، عورت سوڌو 3 زخمي ٿي پيا، جنهن ۾ دادو ويجهو ڳوٺ جان محمد خشڪ ۾  35 سالا نوجوان نيار پٽ ٻانهو خشڪ ٿريشر ۾ اچي زخمي ٿي پيو، زخمي کي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، ٻئي طرف جوهي ويجھو ڪاڇو روڊ حاجي خان موري ڀرسان ٻن موٽر سائيڪلن وچ ۾آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾  هڪ عورت سميت 3 زخمي، زخمي ٿي پيا،  زخمي ٿيلن ۾ حڪيمان لغاري سندس مڙس يوسف لغاري ۽ عزيز الله قمبراڻي  شامل آهن . حڪيمان جي حاليت نازڪ ھجڻ ڪري سيد عبدالله شاھ اسپتال سيوھڻ نيو ويو، جڏھن يوسف لغاري ۽ عزيز الله قمبراڻي کي تعلقي اسپتال جوھي ۾ داخل ڪيو ويو آهيئ

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو