ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊرينيج، برسات ۽ سم نالي جو گندو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جي مک چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو آهي. ڄامشورو شهر جي بلوچ ڪالوني، شاداب نگر، ڀرياوليج، تنيا ڪالوني، غريب آباد ڪالوني، سينڊوز روڊ ۽ ٻين علائقن مان ڊرينيج، برسات ۽ سم نالي جو گندو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ تي ضلعي انتظاميا خلاف شهرين پاران قومي راڳي وقار ملاح، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي سنڌو نواز گهانگهرو، ايس ٽي پي اڳواڻ حيدر ملاح ۽ ساگر عالماڻي جي اڳواڻي ۾ مقامي هوٽل کان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف هنڌن تان ٿيندي شهر جي مک چوڪ تي پهتي، جتي ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي ۾ شامل ماڻهو ڊپٽي ڪمشنر هٽايو، ڄامشورو بچايو، ڊرينيج نظام بحال ڪريو، سم نالي ۽ برسات جو گندو پاڻي نيڪال ڪريو، جهڙا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا، ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڄامشورو شهر تعليمي درسگاهن وارو شهر هوندي به بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهي، هتان جا رهواسي پيئڻ جي صاف پاڻي، گئس، بجلي ۽ روڊن رستن کان به محروم آهن، جڏهن ته شهر ۾ مستقل ڊرينيج نظام نه هجڻ ۽ سم نالو ڀرجي وڃڻ ڪري گندو پاڻي شهر جي مختلف علائقن جي روڊن رستم ۽ گهٽين ۾ بيهجڻ سان گڏ گهرن اندر پڻ ڪاهي پيو آهي، جڏهن ته گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، شڪايتن ۽ احتجاج باوجود ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن ڪو تحرڪ ناهي ورتو. اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪيپٽن فريد الدين مصطفيٰ رڳو فوٽوسيشن ۾ پورو آهي، رهواسين جي احتجاج باوجود دلاسن کانسواءِ هن ڪو عملي قدم ناهي کنيو. هنن مطالبو ڪيو ته ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪيپٽن فريد الدين مصطفيٰ کي هٽائي شهر کي مستقل طور تي ڊرنينج سسٽم ڏئي سم نالي جو گندو پاڻي رهائشي علائقن ڏانهن ڇوڙ ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي. ڌرڻي دوران ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو پاران موڪليل عملدار فيروز برفت مظاهرين سان ڳالهيون ڪري 24 ڪلاڪن اندر مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.
184