لاهور / پشاور ( ويب ڊيسڪ) حڪومت مخالف اتحاد پي ڊي ايم جي قيادت خلاف حڪومتي ڪارروايون شروع ٿي ويون آهن ان سلسلي ۾ قومي احتساب بيورو ( نيب) پشاور حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ۽ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان کي ڪرپشن جي الزامن بابت سوال نامو موڪلي ڇڏيو آهي ۽ کانئس ان جي ملڪيت بابت تفصيل گهري ورتو آهي، ميڊيا رپورٽ مطابق مولانا فضل الرحمان کي پنهنجا اثاثا ظاهر ڪري انهن جا تفصيل ڏيڻ لاءِ خط لکيو آهي جنهن ۾ مولانا کان منقولا ۽ غير منقولا ملڪيت جو تفصيل گهري ورتو آهي، ان کان علاوه نيب مولا فضل الرحمان کان بينڪ اڪائونٽن ۽ آمدني جي ذريعن جو تفصيل به گهريو آهي. ٻئي طرف 25 ارب جي مني لانڊرنگ وارو الزام هيٺ آيل پاڪستان مسلم ليگ ن جي سربراهه شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزه شهباز خلاف ايف آءِ اي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت مخالف پارٽين جي اڳواڻن خلاف وڌيڪ ڪارروائي ٿيڻ جا امڪان آهن.
232