228

افغانستان ۾ جمعي نماز کان پوءِ ختم القرآن جي تقريب ۾ ڌماڪو، 15 ڄڻا شهيد، 20 زخمي

ڪابل ( ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ جمعي نماز کان پوءِ ختم القرآن جي تقريب ۾ ڌماڪو ٿيڻ ڪري  15 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن جڏهن ته 20 زخمي ٿي پيا، افغان گهرو وزارت مطابق غزني صوبي جي ضلعي گيلان ۾ واقعو پيش آيو آهي جنهن ۾ جمعي نماز کان پوءِ هڪ گهر ۾ قرآن خواني ٿي رهي هئي ته بم ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ بم ڌماڪو گهر جي دروازي وٽ ٻيٺل موٽر سائيڪل ۾ رکيل بم ڦاٽڻ سبب ٿيو، جنهن ۾ 15 ماڻهو  بروقت فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو