222

صادق آباد ۾ ورڪشاپ واسي ڪٽنب جا ٽي ٻارڙا ڀت ڪرڻ سبب دٻجي فوت، 2زخمي

ورڪشاپ (ن سوڀ) ورڪشاپ ڀرسان ڳوٺ خالد حسين سلھيري جا رهواسي پنجاب جي علائقي صادق آباد ۾ ڪمند جي ڇلائي جي مزدوري لاءِ ويل ڪٽنب جي مصوم ٻارڙن مٿان اوچتو ڀت ڪري پئي. جنھن سبب ٽي  معصوم  دٻجي فوت ٿي ويا. جڏهن ته 2 ٻارڙا سخت زخمي ٿي پيا. فوتين ۾ پنج ورھين جو فيضان پٽ محمدحسن ڀٽي،  4 ورھين جي نجمان  ڌي نصيرﷲ ڀٽي، 7 ورھين جي عاليا ڌي غلام عباس ڀٽي شامل آهن. زخمين ۾ الياس ڀٽي ۽  علي رضا ڀٽي شامل آهن جن کي صادق آباد جي ويجهي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي سندن حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. فوت ٿي ويل ٽن معصوم ٻارڙن جا لاش پنجاب کان ايمبولينس وسيلي ورڪشاپ ڀرسان سندن اباڻي ڳوٺ خالد حسين سلهيري پھچايا ويا آهن. فوتين جا لاش پهچڻ وقت قيامت صغرا جھڙا منظر ڏسڻ ۾ آيا. متاثر ڪٽنب  هڪ مهينو اڳ پنجاب جي علائقي صادق آباد  جي ڳوٺ چڪ شهباز ويو هو، جتي معصوم ٻارڙن زميندار جي اوطاق جي ديوار ڀرسان راند کيڏي رھيا ھئا ته اوچتو ڀت سندن  مٿان ڪري پئي جنهن ۾ ٽئي ٻارڙا دٻجي فوت ٿي ويا..

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو