231

پريالوءِ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ: مون لائيٽ ڪرڪيٽ مهران ڪلب راڻيپور کي هارائي سوڀ ماڻي ورتي

پريالوءِ (ن سوڀ) خيرپور مون لائيٽ ڪرڪيٽ ڪلب مھراڻ ڪلب راڻيپور کي 40 رنس تان  ھارائي ٽورنامينٽ جو فائينل کٽي ورتو، مختيارڪار ڪنگري ۽ ٻين ٽيمن ۽ سينيئر رانديگرن ۾ انعام ورھايا. پيرڳوٺ ھاءِ اسڪول گرائونڊ تي ينگ ڀٽائي ڪرڪيٽ ڪلب پير جو ڳوٺ پاران مرحوم علي در خاصخيلي جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرائي وئي، جيڪا 20 ڏينھن کان جاري ھئي، جنھن ۾ سکر ڊويزن جي 32 کان وڌيڪ ٽيمن حصو ورتو. فائيل ميچ خيرپور مون لائيٽ ڪرڪيٽ ڪلب ۽ مھراڻ ڪرڪيٽ ڪلب راڻيپور وچ ۾کيڏيو ويو، جنھن جو مھمان خاص مختيار ڪار ڪنگري عبدالحڪيم ڌاريجو ھو. خيرپور مون لائيٽ ٽيم پھريان کيڏندي 25 اوورز ۾ 222 رنس اسڪور ڪيو جواب ۾ مھراڻ ڪلب راڻيپور جي ٽيم 182 رنس تي آل آئوٽ ٿي وئي، اھڙي ريت خيرپور مون لائيٽ ڪرڪيٽ ڪلب 40 رنسن تان راڻيپور جي ٽيم کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ پنھنجي نالي ڪري ورتي. مختيار ڪار ڪنگري عبدالحڪيم ڌاريجو، مظفر جماڻي، نسيم شاھ راشدي، چيف آرگنائزر ايوب ڌاريجو، رفيق ڀنڊ، گلشن سولنگي، سلطان خلجي، منصور شاھ راشدي، فھيم ابڙو ۽ ٻين ونر، رنر ٽيمن ۾ ٽرافيون ۽ سينيئر رانديگرن ۾ خصوصي شيلڊون ورھايون. مين آف دي ميچ ايوارڊ غلام مصطفيٰ عرف جي ايم، مين آف دي سيريز ڪامران ڀٽي، ونر ڪپ غلام مصطفيٰ ۽ رنر ڪپ سھيل شاھ حاصل ڪيو. ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ ڏسڻ لاءِ وڏي انگ ۾ مداح موجود ھئا جن رانديگرن کي بھتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ڀرپور داد ڏنو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو