244

آرمي چيف تي تنقيد سبب فوج ۾ ڪاوڙ آهي،جنرل باجوا جي جاءِ تي ٻيو هجي ها ته رد عمل اچي ها،مخالف ڌر لانگ مارچ ڪري هفتو گذاري ته استعيفيٰ لاءِ سوچيندس: وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف جمهوري حڪومت هٽائڻ لاءِ فوج تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن، کين چئلينج ڪريان ٿو ته لانگ مارچ ڪري هڪ هفتو گذاريو ته پوءِ استعيفيٰ لاءِ سوچيندس، جنرل باجوا جمهوريت تي يقين رکي ٿو، پاڻ تي ڪيل تنقيد کي پڻ برداشت ڪري پيو، آرمي چيف تي تنقيد سان فوج ۾ ڪاوڙ پکڙيل آهي، هڪ انگي ٽي وي جي پروگرام نيوز بيٽ جي اينڪر پرسن پارس جهانزيب کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته دعا ڪري رهيو آهيان ۽ انتظار ڪريان پيو ته اپوزيشن استعيفيٰ ڏئي، جيڪڏهن مخالف ڌر استعيفيٰ ڏئي ته ان سان ملڪ جي بهتري ٿيندي، ڪاوڙ ته گهڻي آهي پر جنرل باجوا برداشت ڪري رهيو آهي، ملڪ ۾ سول ۽ ملٽري بهترين لاڳاپا آهن، فوج منهنجي مٿان ناهي ويٺي، اها منهنجي ماتحت آهي، نواز شريف اهڙي اداڪاري ڪئي جيڪڏهن هالي ووڊ ۾ هجي ها ته آسڪر ايوارڊ ملي وڃي ها، پي ڊي ايم جيڪو ڪرڻ چاهي ٿي ڀلي ڪري هر شئي لاءِ تيار آهيان، وزيراعظم عمران خان چيو ته مينار پاڪستان جلسي سان انهن کي نقصان پهتو، مان جلسن جو اسپيشلسٽ آهيان، اهو فلاپ شو هو، مون ته ڏٺو ئي نه، لاهور جا ماڻهو ته آيا ئي نه هئا، اڳوڻن حڪمرانن پرڏيهه جا اجايا دورا ڪيا، ملڪ قرضي ٿيندو پيو وڃي ۽ اهي پرڏيهي دورا ڪري رهيا آهن، مان ته دعوت ڏيان ٿو اڄ ئي استعيفيٰ ڏيو، هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پارٽي اڳواڻ استعيفيٰ نه ڏيندا، اسلام آباد مارچ لاءِ انهن جي مدد ڪندس، منهنجي سموري مدد باوجود اهي هڪ هفتو به نه گذاري سگهندا، کين چئلينج ڪريان ٿو، اپوزيشن فوج تي دٻاءُ وجهي رهي آهي ته جيئن جمهوري حڪومت ڪيرائن ان ڳالهه تي ته آرٽيڪل 6 لڳي ٿو ۽ انهن جي مٿان غداري جو ڪيس پڻ ٺهي رهيو آهي، سينيٽ چونڊون هڪ مهينو پهريان به ڪري سگهون ٿا، شو آف هينڊز جو مطلب اوپن بيلٽ هوندو آهي، چونڊن ۾ پهريان پئسو هلندو هو ان تان پنهنجا ڪارڪن ڪڍيا هئا، وزيراعظم عمران خان چيو ته بهتر آهي ته اوپن بيلٽ ٿئي ان سان ڪرپشن ختم ٿيندي، ميرٽ تي سينيارٽي ايندي، اٽارني جنرل جو خيال آهي ته اوپن بيلٽ ٿي سگهي ٿو، ان تي اسان سپريم ڪورٽ کان وضاحت وٺنداسين، ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ معاشي ٽيم جو اجلاس ٿيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان اسرائيل کي تسليم نٿا ڪري سگهون ته اتي ڪير ڇو وڃي؟، اسان جو وزير اتي وڃي ڀلا ڇا ڪندو؟.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو