ٽنڊوالهيار (رپورٽ: فرقان بوزدار)ٽنڊوالهيار ڀرسان مشائخ هوٿي ٿاڻي جي حد ڳوٺ پير جوڙيل شاهه ماڙي ۾ ساند ۽ ميرجت برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي فوري طور سول اسپتال ٽنڊو الهيار آندو ويو، جتان حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، زخمين مان 25 سالا نوجوان ارشاد عرف دادو ساند زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، زخمين ۾ گل ساند، مصطفيٰ ساند، عزيز ساند، اعجاز ساند ۽ جان محمد ساند شامل آهن، مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جهيڙي کانپوءِ ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پکڙيل آهي، هوڏانهن پوليس ميرجت برادري جي چئن ڄڻن پنهل، ذاڪر،حينفو ۽ ارباب ميرجت کي حراست وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو ، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.
